حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي بلديا واري علائقي مان گڏهه گاڏو هلائيندڙ پورهيت مبينا طور کنڀجي ويو،  جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته 3 ڏينهن اڳ بلديا ٿاڻي جي پوليس گڏهه گاڏو هلائيندڙ مٺل عرف مٺو مگسي کي تحويل ۾ وٺي پاڻ سان گڏ کڻي وئي جنهن کي ٿاڻي تي رکڻ بدران اڻڄاتل هنڌ قيد ڪري هاڻي سندس گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار پئي ڪري. پورهيت جي ڀائٽي عبدالرشيد مگسي جو چوڻ آهي ته سندس چاچي کي پوليس موبائيل ۽ ڪار ۾ سوار اهلڪار کنڀي کڻي ويا جنهن بعد هو ٿاڻي پهتو پر پوليس سندس چاچي جي گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار ڪيو جنهن تي هن چاچي جي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس رپورٽ داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس چاچو پورهيت آهي ۽ گڏهه گاڏو هلائي گذر سفر ڪري ٿو. نوٽيس وٺي کيس آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.