حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ مسمات شهناز بلوچ کي حيدرآباد پوليس پاران مبينا گم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي پوليس کي ڇنڊ پٽي. عدالت گم ٿيل شھناز بلوچ کي بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي طلب ڪري ورتو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي جسٽس ارشد حسين خان ۽ جسٽس سيد فياض الحسن شاھ تي مشتمل ڊويزنل بئنچ ۾ درخواستگذار ياسمين بلوچ پنھجي ذاتي حيثيت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته 2024ع ۾ ڀٽائي نگر ۽ نسيم نگر ٿاڻن جي حدن ۾ بااثر ماڻھن ياسمين بلوچ تي مبينا حملو ۽ پيٽرول ھاري زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري ڪيس ۾ سندس ماءُ مسمات شھناز مک شاھد ھئي، جيڪي لاڳاپيل عدالت ۾ شاھدي ڏيڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ پوليس بااثرن جي چرچ تي مسمات شھناز کي کڻي گم ڪري ڪوڙو چوري جو ڪيس داخل ڪيو. ڪيس جي فريادڻ عدالت ۾ گواھي ڏني سندن چوري ۾ گم ٿيل مسمات شھناز جو ڪو به تعلق ناھي کيس ھو نٿي سڃاڻي، عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي عديل چانڊيو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ھو، ايس ايس حيدرآباد پيش ٿيو ڊي آءِ جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ايس ايس پي حيدرآباد عدالت کي آگاھي ڏني ته وقت ڏنو وڃي اسان جاچ ڪريون پيا. عدالت رمارڪس ڏنا ته حيدرآباد پوليس جا آفيسر بااثرن جي چرچ تي غريب ماڻھن تي ٻاھران ھٿ ٺوڪيا فريادي بيھاري ڪيس داخل ڪن ٿا، مسمات شھناز کي گم ڪري درخواستگذار کي پريشان ڪري رھيا آھيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد پوليس کي حڪم ڏنو ته درخواستگذار کي تحفظ فراهم ڪري ۽ مسمات شھناز بلوچ کي بازياب ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي حيدرآباد کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 8 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.