حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد جي نسيم نگر ۾ قائم فليٽ مان جسقم ناري تحريڪ جي اڳواڻ جو ڦاهو کاڌل لاش مليو. اطلاع تي نسيم نگر پوليس پهچي نسيم شاپنگ سينٽر ۾ قائم فليٽ نمبر 19 مان ڪامريڊ مرڪ جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ اهو لاش وارث تدفين لاءِ مانجهند کڻائي ويا. نسيم نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او وحيد پنهور ٻڌايو ته اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات 4 وڳي کين مددگار پوليس پاران اطلاع ڏنو ويو ته فليٽ نمبر 19 ۾ ڪنهن ناري جو لاش پيل آهي جنهن اطلاع تي هو واقعي واري هنڌ پهتا ته کين چوڪيدار انور شاهه مليو ۽ ان به ٻڌايو ته مددگار پوليس کي لاش بابت اطلاع پاڻ ڏنو هو. ايس ايڇ او موجب چوڪيدار شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته سيف جتوئي نالي شخص فون ڪئي ته فليٽ نمبر 19 ۾ وڃي اتي موجود عورت کي نياپو ڏيان ته هو فون اٽينڊ ڪري جنهن بعد هو فليٽ ڏانهن ويو ته اندر کان دروازو بند ڏسي هو واپس آيو ۽ ٻيهر سيف جو فون اچڻ تي کيس حقيقت کان آگاهه ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته چوڪيدار کين اهو به ٻڌايو ته سيف جتوئي صلاح ڏني ته هو فليٽ جي دري کان ڄاري کولي اندر داخل ٿي فليٽ جو دروازو کولي ڏسي ته روم ۾ عورت موجود آهي يا نه جنهن بعد هن ايئن ڪيو ۽ روم ۾ ڏٺو ته عورت جو لاش پنکي ۾ لٽڪيل هو. ٻئي طرف پوليس مرڪ جان پيرزادو جي فليٽ جي ڪمري مان سندس رئو، موبائيل فون، شيشي جا ٽڪڙا ۽ ٻيو سامان تحويل ۾ وٺي معاملي جي هر رخ کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊي ايس پي قاسم آباد حبدار علي جو چوڻ آهي ته فليٽ تي جيو فنسنگ ۽ فارنزڪ ٽيمون پڻ اماڻيون ويون هيون انهن به پنهنجون شاهديون گڏ ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته کين شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن فراهم ٿيندي جنهن جي آڌار تي هو جاچ کي وسيع ڪندا. هوڏانهن ڪامريڊ مرڪ جان پيرزادو جي والد پير جان محمد جو چوڻ آهي ته جنهن رات مرڪ مبينا طور آپگهات ڪيو، ان رات ساڻس فون تي به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ هو تمام گهڻو خوش هئي ان ڪري کين يقين نٿو اچي ته هو خودڪشي ڪري ها ۽ کين شڪ آهي ته متان ڪنهن مرڪ کي قتل ڪري معاملي کي آپگهات ڪو رنگ ڏيڻ لاءِ سندس لاش روم ۾ لڳل پنکي تي رئو ٻڌي لٽڪائي ڇڏيو آهي ان ڪري معاملي جي هر رخ کان جاچ ٿيڻ گهرجي. ٻڌايو پيو وڃي ته مرڪ جان جي شام ڌاري مانجهند ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين درگاهه حضرت شاهه اويس ڪرني ڪئي وئي هئي.