حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ٽنڊو ولي محمد واري علائقي مان گم ٿيل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي جي اغوا جو ڪيس ٽن ڄڻن خلاف  داخل ڪيو ويو آهي پر 14 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين ماسترياڻي وديا ڪڇي کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. ٻڌايو پيو وڃي ته مساڻ روڊ وٽان 17 سالن جي وديا ڪڇي ڌيءُ مائوجي ڪڇي 13 مارچ 2024ع تي پنهنجي گهران پراسرار نموني گم ٿي جنهن جي وارثن هر هنڌ ڳولا ڪئي ۽ هٿ نه اچڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي پهچي گمشدگي بابت رپورٽ داخل ڪرائي. وديا ڪڇي جي والد مائوجي ۽ امڙ بيبي ڪڇي جو چوڻ آهي ته 17 مارچ تي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري سندس نياڻي جو موبائيل نمبر به ورتو پر اڃا تائين پوليس سندس ڳولا شروع ناهي ڪئي. مارڪيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته پلمبري جو ڪم ڪندڙ مائوجي ڪڇي جي فرياد تي انهن سندس نياڻي وديا ڪڇي جي اغوا جو ڪيس پاڙيسري نوجوان مصدق کٽياڻ پٽ محمد انور کٽياڻ ۽ سندس 2 نامعلوم ساٿين خلاف داخل ڪري سندن ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃا تائين ٽئي ڄڻا کين هٿ ناهن اچي سگهيا. ماسترياڻي جي وارثن ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته وديا ڪڇي کي ٽنهي ڄڻن زنا جي ارادي سان مبينا اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. وارثن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس سندن نياڻي جي بازيابي کي يقيني بڻائي.