حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ جا گوليون لڳل لاش هٿ اچڻ واري معاملي تي پوليس اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪري سگهي جڏهن ته ميڊيڪو ليگل شعبي پاران مسمات ريشم چانڊيو ۽ سندس ابهم نياڻي عماره جي موت بابت شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آهي جيڪا اڄ پوليس کي فراهم ڪئي ويندي. ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته 15 مهينن جي عماره ڌيءُ عبدالفتاح کي هڪ کان ڏيڍ فٽ جي فاصلي تي ساڄي پاسي ڪن کان مٿي واري حصي ۾ گولي لڳي ۽ رت ضايع ٿيڻ سبب سندس موت واقعي واري هنڌ ئي ٿي ويو. ذريعن اهو به ٻڌايو ته مسمات ريشم چانڊيو کي لونڌڙي کان مٿان ڪن پٽي تي پسٽل رکي فائر ٿيل آهي ۽ ان جو به موت واقعي واري هنڌ ئي ٿي ويو هو. ميڊيڪو ليگل شعبي جي ذريعن موجب معاملو مشڪوڪ هئڻ سبب انهن ماءُ ۽ ڌيءُ جي جسم مان مختلف جزا ڪڍي ليبارٽرين ڏانهن به اماڻيا آهن ته جيئن اها تصديق ٿي سگهي ته مسمات ريشم ڌيءُ کي قتل ڪري مبينا آپگهات ڪيو يا کيس ڌيءُ سميت قتل ڪيو ويو آهي. قاسم آباد پوليس جو چوڻ آهي ته اڃا تائين انهن مسمات ريشم جي مڙس ڪوٽڙي واسي عبدالفتاح چانڊيو جو به بيان ناهي ورتو جڏهن ته شروعاتي طور رڳو انهن مسمات ريشم جي والد افتخار احمد چانڊيو کان بيان ورتو هو. جيوفينسنگ ۽ واقعي واري هنڌان ڪرائيم سين بابت شاهديون گڏ ڪندڙ ٽيمن پاران جاچ دوران ڪمري جو هڪ فوٽو به وائرل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته ماءُ ۽ ڌيءُ جا لاش فرش تي پيل آهن. جنهن پاسي کان مسمات ريشم جو لاش پيل آهي اتان واري دري جو شيشو به ٽٽل نظر اچي ٿو جڏهن ته ڪمري ۾ پيل ڪرسي ۽ فرش تي ٻيو سامان به پکڙيل نظر اچي رهيو آهي جنهن ڪري واقعي پوليس جي جاچ تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته هو معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪندا پر هيستائين ڪيل جاچ مان کين اهي ئي شاهديون مليون آهن ته مسمات ريشم پنهنجي ابهم نياڻي کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.