حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لوڪل گورنمينٽ حيدرآباد جي آڊٽ آفيسر سرفراز باجاري پاران يوسي فنڊ جي فائل منظور ڪرڻ تي 20 سيڪڙو رشوت وٺڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي. سوشل ميڊيا تي حيدرآباد شهر جي يونين ڪميٽي 27 جي چيئرمين ارشد علي عرف گڊو مري آڊٽ آفيس پهچي ويو جتي آڊٽ آفيسر سرفراز باجاري سان ڳالهه ٻولهه جي وائرل ٿيل وڊيو ۾ گڊو مري پاران 20 سيڪڙو رشوت وٺڻ جا الزام هڻندي گڊو مري چيو ته تون اسان کي چوين ٿو 20 سيڪڙو ڏيون، ڇا جا 20 سيڪڙو ڏيون، حرام خور آهين. پنهنجي ذات جو فائدو ٿو وٺين، توهان جو مراد علي شاهه هتي ويٺو آهي. جيڪو پئسا ڏي ٿو ان جو فائل پاس ڪرين ٿو جيڪو نٿو ڏي ان جي روڪين ٿو. هي دادو نه حيدرآباد اٿئي، ائين کڻي ويندس خبر نه پوندي. اوهين ٽوپيون کيسي ۾ وجهي حيدرآباد ايندا آهيو، اسين پڪي قلعي تان اچون ٿا ۽ پڪي قلعي تان وڃون ٿا. گڊو مري جو آڊٽ آفيسر سرفراز باجاري کي جواب، سرفراز باجاري پاران وڊيو ۾ رشوت نه وٺڻ جي بار بار وضاحت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته وڊيو ۾ موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته مراد علي شاهه ۽ سليم باجاري جي نالي تي سرفراز باجاري سمورين يوسيز کان ماهوار بجيٽ جي بل پاس ڪرڻ جي فائل تي 20 سيڪڙو رشوت طلب ڪري ٿو جيڪو ادا نٿو ڪري ان جو فائل پاس نٿو ڪري جا الزام هنيا. ٻئي طرف حيدرآباد جي 160 يوسيز جي چيئرمينن پاران ساڳئي شڪايت ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو پاران يوسي چيئرمينز جي ٺاهيل واٽس ايپ گروپ تي به ڪيون پيون وڃن. ذريعن موجب سرفراز باجاري جي ڪرپشن خلاف چيئرمينز پاران احتجاجي تحريڪ هلائڻ تي صلاح مشورا شروع ڪيا ويا آهن.