حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل جوابدار جي اپيل تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي سندس سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي. شهيد بينظير آباد جي سڪس ايڊيشنل سيشن جج 22 جنوري 2020ع تي جوابدار غلام مصطفيٰ مگسي کي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي.جوابدار سزا خلاف وڪيل معرفت اپيل داخل ڪئي. 8 مئي 2024ع تي جسٽس ڪريم خان آغا ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزنل بئنچ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو عدالت جاري ڪندي سندس سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته کڏڙو ٿاڻي تي 20 ڊسمبر 2018ع تي يار محمد مگسي پنهنجي ڀاءُ جو قتل ڪيس ڀيڻويي خلاف داخل ڪرايو هو.