حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ عورت وڪيل کي قتل ڪرڻ واري ڏوهه ۾ سندس مڙس کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد اشفاق مغل جي عدالت جوابدار عامر مارواڙي کي هڪ لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته 2021ع دوران جوابدار عامر مارواڙي پنهنجي زال وڪيلياڻي صوبيا قاضي کي قتل ڪيو هو. سندس ڀيڻ حميرا قاضي پڃاري ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته سندس ڀيڻويو، ڀيڻ تي تشدد ڪندو رهندو هو ۽ نيٺ هن تشدد ڪرڻ بعد گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو ۽ فليٽ تان فرار ٿي ويو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو ۽ ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت جوابدار کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.