حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت مشهور صنعتڪار اقبال احمد زيڊ سميت 6 جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪندي سندن درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. نيب پاران مني لانڊرنگ ۽ جي جي وي ايل ۾ 29 ارب رپين جي ڪرپشن بابت داخل ريفرنس مان ضمانت لاءِ اقبال زيڊ احمد، سندس پٽن فصيح الدين، رفيع الدين، قاضي همايون خان، افتخار عالم ۽ سلامت علي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. 14 نومبر تي لاڳاپيل عدالت جي جج ٻڌڻي بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو جاري ڪندي سندن درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 11 نومبر تي احتساب عدالت اقبال زيڊ احمد سميت 6 جوابدارن پاران گرفتاري کان اڳ واري ضمانت لاءِ ڏنل درخواست رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد جوابدارن کي نارا جيل اماڻيو ويو جتان انهن ٻيهر وڪيل معرفت ضمانت لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو پر عدالت سندن درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته هاڻي هو ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد سان رجوع ڪندا. واضح رهي ته نيب 2020ع دوران اقبال زيڊ، سندس پٽن ۽ ملازم سميت 7 جوابدارن خلاف 1/2020ع تحت اربين رپين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو هو. ڄاڻايل ريفرنس مان هڪ جوابدار ضمانت تي آهي جڏهن ته اقبال زيڊ سميت 6 ڄڻا جيل ڀيڙو ٿيل آهن.