ڪراچي: وزيراعليٰ مراد شاهه چيو ته مون وفاقي حڪومت کي حيدرآباد-سکر موٽروي جي تعمير لاءِ شراڪت ( ڀائيواري) جي آڇ ڪئي آهي، وفاقي حڪومت پنجاب ۾ نئين موٽر وي بجاءِ 18 ميٽر ٽريڪ جي تعمير جي منظوري ڏني آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت شروعاتي طور تي ڪي-فور پروجيڪٽ شروع ڪيو هو پر سنڌ حڪومت انهي رٿا لاءِ عالمي بينڪ جي مدد سان 80 ارب رپين جي فنڊنگ حاصل ڪري چڪي آهي.
آرمي چيف ۽ مريم چولستان ڪئنال نه پر گرين انيشيٽو جو افتتاح ڪيو هو: مرادشاهه
ڪراچي: وزيراعليٰ مراد شاهه واضح ڪيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ آرمي چيف پنجاب ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو جو آغاز ڪيو آهي، انهن چولستان ڪئنال جو افتتاح ناهي ڪيو، ھن وڌيڪ چيو ته آرمي چيف تازو ڪراچي جي دوري دوران ٽيڪنالاجي پارڪ جو افتتاح پڻ ڪيو هو، ھن چيو ته آرمي چيف هڪ اڪنامڪ زون ۽ گولف ڪورس جو آغاز به ڪرڻ چاهي ٿو.
بلاول 4 اپريل تي چولستان ڪئنال بابت اهم اعلان ڪندو: مرا دشاهه
ڪراچي: وزيراعليٰ مراد شاهه چيو ته 4 اپريل تي شهيد ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چولستان ڪئنال بابت اهم اعلان ڪندو.