حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد نيب اختيارين کي حڪم ڏنو آهي ته سول اسپتال حيدرآباد جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊائريڪٽر (ايڊمنسٽريشن اڪائونٽس اينڊ ڊولپمينٽ) عبدالستار جتوئي خلاف اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪري عدالت کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جسٽس امجد علي ٻوهيو تي مشتمل سنگل بئنچ چيف سيڪريٽري سنڌ کي به حڪم ڏنو آهي ته عبدالستار جتوئي خلاف ان وقت جي جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ جي ٽريننگ آف مئنجمينٽ اينڊ ريسرچ ونگ جي چيف انسٽرڪٽر محمد عيسيٰ ميمڻ جي ڪيل جاچ واري رپورٽ ۽ جيڪڏهن عبدالستار جتوئي خلاف ڪا ٻي جاچ التويٰ ۾ پيل آهي ته اها به مڪمل ڪري ان جي رپورٽ ايندڙ شنوائي تي عدالت آڏو پيش ڪئي وڃي. سول اسپتال حيدرآباد جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊائريڪٽر (ايڊمنسٽريشن اڪائونٽس اينڊ ڊولپمينٽ) عبدالستار جتوئي خلاف حيدرآباد جي هڪ وڪيل جان محمد لاکو درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيئرمين نيب، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري فناس، سيڪريٽري صحت سنڌ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار ۽ عبدالستار جتوئي کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عبدالستار جتوئي سول اسپتال حيدرآباد جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪئي آهي. درخواست ۾ ڄاڻايل آيو آهي ته عبدالستار جتوئي انتهائي بااثر شخص آهي. هو 1993ع دوران صحت کاتي ۾ گريڊ 17هين ۾ مقرر ٿيو جنهن کانپوءِ هن کي گريڊ 18هين ۽ بعد ۾ 19هين گريڊ ۾ ترقي ملي. هن جي ملازمت سروس پول ۾ به رهي ۽ ان دوران هن چيف سيڪريٽري سنڌ کي درخواست ڏئي پاڻ کي نان ڪيڊر پوسٽ ۾ ضم ڪرايو ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد/ڄامشورو ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊائريڪٽر اڪائونٽس اينڊ ڊولپمينٽ جي آسامي پيدا ڪرائي اتي پنهنجي مقرري ڪرائي. عبدالستار جتوئي ساندهه 7 سالن تائين ان پوسٽ تي مقرر رهيو. کيس ان عهدي تان هٽائڻ بعد سندس خلاف اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ٿي. اها به معلومات حاصل ٿي آهي ته هن سول اسپتال حيدرآباد/ڄامشورو ۾ 300 گوسڙو ملازم ڀرتي ڪيا جن جون اربين رپين جون پگهارون به وصول ڪيون ويون. درخواست داخل ڪندڙ وڪيل اهو به چيو آهي ته عبدالستار جتوئي آگسٽ 2022ع ۾ هڪ جعلي ليٽر ذريعي سول اسپتال لاءِ ساڍا 3 ارب رپين جي رقم به جاري ڪرائي جنهن کانپوءِ ان وقت جي چيف سيڪريٽري سنڌ، ٽريننگ اينڊ مئنيجمينٽ اينڊ ريسرچ ونگ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي چيف انسٽرڪٽر محمد عيسيٰ ميمڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو جنهن جي رپورٽ به موجود آهي. ان کانسواءِ 2019ع ۾ نيب اختيارين به عبدالستار جتوئي خلاف جاچ شروع ڪئي پر بااثر شخص هجڻ جي ڪري سندس خلاف نيب جي ڪا رپورٽ سامهون اچي نه سگهي آهي. عدالت پنهنجي آرڊر ۾ لکيو آهي ته درخواست داخل ڪندڙ وڪيل مطابق ڌر بڻايل عبدالستار جتوئي اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث رهيو آهي ان ڪري چيئرمين نيب اسلام آباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل نيب ڪراچي کي حڪم ڏنو وڃي ته عبدالستار جتوئي خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع ڪن ۽ رپورٽ عدالت کي ڏياري موڪلين. عبدالستار جتوئي ڪرپشن جي رقم مان پنهنجا اثاثا جوڙيا آهن جن ۾ زرعي زمين، بنگلا ۽ نقد رقم شامل آهي جڏهن ته عبدالستار جتوئي جي پگهارن کانسواءِ ٻي ڪا خاص آمدني نه رهي آهي. عدالت ان درخواست تي چيئرمين نيب اسلام آباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل نيب ڪراچي کي حڪم ڏنو ته اهي ڌر بڻايل عبدالستار جتوئي خلاف جاچ ڪري رپورٽ عدالت کي پيش ڪن. عدالت درخواست جي ٻڌڻي 26 سيپٽمبر 2024ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت جي حڪم تحت آرڊر جون ڪاپيون ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان حيدرآباد، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب حيدرآباد، چيئرمين نيب اسلام آباد، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڊي جي نيب ڪراچي کي به روانيون ڪيون ويون آهن.