حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سول اسپتال جي انتظاميا ويلفيئر فنڊ بند ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي مختلف شعبن ۾ رکيل 350 ڊيلي ويجز ملازمن کي نوڪرين تان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ملازم ڪيتري ئي عرصي کان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪري رهيا هئا جن کي ليبر وارڊ، وارڊ بواءِ، ڊسپينسر، ايڪسري ٽيڪنيشن، ليبارٽريز، ميڊيڪل وارڊ ۽ ٻين وارڊن ۾ رکيو ويو هو پر انتظاميا ملازمن جو ڪانٽريڪٽ وڌائي کين مستقل ڪرڻ بدران نوڪرين تان ئي برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن بابت هڪ ڏينهن اڳ سول اسپتال جي انتظاميا پاران ملازمن جي بيدخلي بابت سرڪيولر به جاري ڪيو ويو هو. نوڪرين تان بيدخل ٿيڻ بعد ملازم سخت پريشان آهن. سندن چوڻ آهي ته سندن گهر جو گذر سفر ڄاڻايل نوڪري سان هلندو هو ۽ اسپتال جي انتظاميا پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪندي کين نوڪرين تان برطرف ڪيو آهي جڏهن ته سندن جاءِ تي هاڻي ٻيا ملازم مقرر ڪيا ويندا. ملازمن پاران سول اسپتال جي انتظاميا جي اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج جو چتاءُ ڏنو ويو آهي جڏهن ته ملازمن پاران سوشل ميڊيا تي پڻ ڊي جي صحت ۽ نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته هو معاملي جو نوٽيس وٺن ته جيئن سول اسپتال جي انتظاميا کين ٻيهر نوڪرين تي بحال ڪري. رابطو ڪرڻ تي سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو به تصديق ڪئي ته انهن ملازمن کي بيدخل ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل ملازمن کي هو ويلفيئر فنڊ مان پگهارون ادا ڪندا هئا پر هاڻي اهو فنڊ بند ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي لاڳاپيل شعبن جي پروفيسرز جي چوڻ تي نوڪرين تان برطرف ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته پروفيسرن جو چوڻ آهي ته هڪ ئي وارڊ ۾ ٻن ملازمن جي گنجائش هئڻ باوجود 5 کان وڌيڪ ملازم مقرر ٿيل آهن جنهن سان سندن ڪم ڪار ۾ به رخنو پئي ٿو ۽ جيڪي ملازم ڪم جا هوندا اهي ئي رکيا ويندا جڏهن ته باقي ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو. ايم ايس اهو به ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ وٽن هڪ هزار کان وڌيڪ ملازم ڊيلي ويجز تي نوڪري پيا ڪن جن مان هو رڳو 560 ملازم پاڻ وٽ رکندا باقي سمورا ملازم آهستي آهستي بيدخل ڪيا ويندا.