حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد سيلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 5 زخمي ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو، گورنر سنڌ متاثرين وٽ پهچي ڏک ونڊي کين معاوضي جي رقم ادا ڪئي، علائقي ۾ ڇهين ڏينهن به سوڳ برقرار، جنازا کڄڻ تي هر پاسي ڪهرام متل رهيو. ان ڏس ۾ پريٽ آباد جي نوراني بستي واري علائقي ۾ 30 مئي تي اڪرم قريشي نالي شخص جي سيلينڊر واري دڪان ۾ ڌماڪي دوران سڙي زخمي ٿيلن مان وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي. فوت ٿيلن ۾ چنگچي ڊرائيور 35 ورهين جو دودو پٽ ميهار ڀيل، 13 ورهين جي نينگري عليشا ڌيءُ ذيشان قريشي، 15 سالن جو عباس پٽ مبارڪ ،14 ورهين جو  احمد رضا ولد ممتاز  14 سالن جو عمير پٽ ارشد شامل آهن. فوتي نينگري سميت ٽن ٻارن جا مڙهه پريٽ آباد نوراني بستي ۽ زچه خانه پهچائي جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ دفنايا ويا جڏهن ته پورهيت دودي ڀيل جي وارثن به سندس آخري رسمون ادا ڪيون. ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ناصر حسين قريشي ۽ پڃاري پوليس پاران چئن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ڄاڻايو ويو ته ڪراچي اسپتال ۾ داخل ڪجهه زخمين جي حالت اڃا تائين خراب آهي. ٻئي طرف گورنر سنڌ ڪامران خان ٽسوري حيدرآباد پهچي پريٽ آباد سانحي جي متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪري ساڻن ڏک جو اظهار ڪيو جڏهن ته گورنر سنڌ متاثر 60 ماڻهن ۾ معاوضي جي رقم به ورهائي. گورنر چيو ته هو متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندا. ڄاڻايل واقعي ۾ جيڪڏهن ڪنهن گهر جو سربراهه يا خود ڪفيل فوت ٿيو آهي ۽ سندن گهر ڪرائي تي آهي ته هو ان کي پلاٽ فراهم ڪرڻ سان گڏ پنهنجو گهر به ٺهرائي ڏيندا جڏهن ته جي ڊي سي سربراهه پاران فوتين جي وارثن لاءِ اعلانيل 20-20 لک ۽ زخمين جي علاج لاءِ 5-5 لک رپيا 12 جون تي فراهم ڪيا ويندا.

غيرقانوني گئس سپلاءِ ڪندڙن خلاف  ڪارروائي جاري رکو: گورنر

حيدرآباد: گورنر سنڌ ڪامران خان ٽسوري چيو آهي ته پريٽ آباد واقعي بابت کيس ٻڌايو ويو آهي ته چنگچي رڪشا واري گئس سيلينڊر ۾ گئس پئي ڀرايو ته اوچتو ڌماڪو ٿيو جنهن کانپوءِ سيلينڊر جي دڪان کي باهه وڪوڙي وئي. چنگچي رڪشا کي باهه لڳڻ سبب ڀرپاسي جا گهر به متاثر ٿيا پر حادثن تي ڳالهائڻ بدران ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن دوران وڌ کان وڌ نقصان کي گهٽائي سگهجي.  حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي ۽ حسرت موهاني لائبريري ۾ متاثر ماڻهن کي معاوضي جي رقم فراهم ڪرڻ واري تقريب دوران ڳالهائيندي ڪامران خان ٽسوري چيو ته کيس خالد مقبول صديقي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف به حيدرآباد پهچي پريٽ آباد سانحي جي متاثرين سان تعزيت ڪندو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي پابند بڻايو آهي ته حيدرآباد ۾ غيرمعياري سيلينڊرز جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکيو وڃي جڏهن ته سيلينڊرز جا دڪان ۽ پلانٽ رهائشي علائقن مان فوري طور ٻاهر منتقل ڪيا وڃن. گورنر چيو ته پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي واقعي جو ذميوار ڄاڻائڻ احمقاڻو عمل آهي. هڪ کاتو ناهي، ڪيترائي کاتا آهن جن پنهنجي ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو جنهن ڪري ايڏو وڏو نقصان ٿيو ان ڪري هو سنڌ جي وڏي وزير کي چوندو ته معاملي جي جاچ لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهي وڃي ته جيئن ذميوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچي سگهي. گورنر سنڌ اهو به چيو ته پ پ سرڪار سنڌ ۾ گمبٽ ۽ ڪراچي جي اسپتالن کي ته جديد سهولتون فراهم ڪري اين آءِ سي وي ڊي کولرايون آهن پر سول اسپتال حيدرآباد کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پريٽ آباد سانحي تي کيس دلي صدمو رسيو آهي ۽ سانحي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. 18 جانيون ضايع ٿي ويون. حيدرآباد ايڏو وڏو شهر آهي پر بروقت انتظاميا وٽ ريسڪيو لاءِ آلاپ ناهن ۽ واقعن واري هنڌ پهچڻ جي رسد ئي ناهي جو اهڙن واقعن دوران هو نقصان کي گهٽائي سگهن.

 

سنڌ جي گورنر پاران فوتين جي وارثن کي پلاٽ ۽ گهر ٺهرائڻ ڏيڻ جو اعلان

حيدرآباد: گورنر چيو ته هو متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندا. ڄاڻايل واقعي ۾ جيڪڏهن ڪنهن گهر جو سربراهه يا خود ڪفيل فوت ٿيو آهي ۽ سندن گهر ڪرائي تي آهي ته هو ان کي پلاٽ فراهم ڪرڻ سان گڏ پنهنجو گهر به ٺهرائي ڏيندا جڏهن ته جي ڊي سي سربراهه پاران فوتين جي وارثن لاءِ اعلانيل 20-20 لک ۽ زخمين جي علاج لاءِ 5-5 لک رپيا 12 جون تي فراهم ڪيا ويندا.