حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پريٽ آباد سيلينڊر ڌماڪي ۾ 26 ڄڻا فوت ٿيا، فوت ٿيلن ۾ 21 ڄڻن جناح اسپتال ۽ 5 ڄڻن پٽيل اسپتال ۾ دم ڏنو، 2 زخمي جناح ۽ 2 پٽيل اسپتال ۾ زير علاج، 11 ڄڻن جو سول اسپتال ۾ علاج جاري، 4 ڄڻا صحتياب ٿيڻ بعد اسپتال مان ڊسچارج ڪيا ويا. ضلعي انتظاميا پريٽ آباد سيلينڊر ڌماڪي ۾ سڙي زخمي ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي جي اسپتالن ۾ فوت ٿيل مريضن جا انگ اکر  جاري ڪري ڇڏيا آهن. جاري ڪيل لسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ 23 مريض داخل ٿيل هئا جن مان 21 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوتين ۾ 8 سالن جو محمد حسن عرف علي حيدر پٽ ذيشان، 8 ورهين جو عبدالهادي پٽ اصغر، 4 سالن جو علي رضا پٽ بلال، 2 سالن جي ٻارڙو حرم پٽ اشرف، 10 سالن جو آيان علي پٽ جاويد، 10 ورهين جو آذان پٽ شاڪر، 6 سالن جو جو حسنين پٽ راشد، 5 سالن جي ڪنزا ڌيءُ ذيشان، 10 سالن جو رحيم پٽ فهيم، 15 سالن جو بلال پٽ عاشق، 17 سالن جي عليشا ڌيءُ ذيشان، 45 ورهين جو محمد اڪرم پٽ منشي، 36 سالن جو ذوالفقار پٽ محمد عمر، 32 سالن جو فيضان پٽ اسحاق، 35 ورهين جو اشرف پٽ حسنين، 15 سالن جو عمير پٽ ارشد، 14 سالن جو عباس علي پٽ مبارڪ، 40 سالن جو محمد اڪرم شاهه پٽ قربان، 25 سالن جو دودو پٽ مهيار ۽ 35 سالن جو رئيس پٽ عليم الدين شامل آهن جڏهن ته جناح اسپتال ۾ اڃا به 2 ڄڻا زير علاج آهن جنهن ۾ 9 سالن جو فيضان پٽ اشرف ۽ 6 ورهين جي عاليا ڌيءُ فاروق شامل آهن جن جو علاج جاري آهي. ساڳئي ريت ڄاڻايو ويو آهي ته پٽيل اسپتال ۾ 7 ڄڻا زير علاج هئا جنهن مان 5 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. فوتين ۾ 14 سالن جو احمد رضا عرف محمد رضا پٽ ممتاز، 65 سالن جو الطاف احمد پٽ جلال الدين، 15 سالن جو حسنين پٽ محمد شاهد، 13 سالن جو اجمل پٽ محمد علي ۽ 8 سالن جي ماهنور ڌيءُ حبيب شامل آهن. ساڳئي اسپتال ۾ 2 زخمي زير علاج آهن جن ۾ 4 سالن جو وارث علي پٽ محمد بلال ۽ 50 سالن جو ذوالفقار پٽ خوشي محمد شامل آهن. ترجمان موجب حيدرآباد سول اسپتال ۾ 11 مريض زير علاج آهن جن ۾ 55 سالن جي ياسمين زال محمد قاسم، 34 سالن جو محمد صابر پٽ عبدالستار، 12 سالن جو عبيد رضا پٽ محمد عامر، 40 سالن جو محمد جميل پٽ رحيم بخش، 52 سالن جي پروين زال عبدالحميد، 52 سالن جو محمد حسين پٽ امير الدين، 10 سالن جي فضيلت ڌيءُ عمران، 9 سالن جي زارا نور ڌيءُ عمران، 6 سالن جو امن پٽ محمد شاهد، 11 سالن جو محمد احسان پٽ محمد شان ۽ 52 سالن جو رئيس پٽ نصير احمد شامل آهن. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان 5 سالن جي بشرا ڌيءُ حبيب، 12 سالن جو ارشاد پٽ فاروق، 32 سالن جي صائمه زال حبيب ۽ 30 سالن جي وڪيلان زال ذيشان سميت 4 زخمي صحتياب ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته پريٽ آباد ڌماڪي کانپوءِ انتظاميا پاران دعويٰ ڪئي وئي هئي ته گئس سيلينڊرز جا دڪان هلائيندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري سندن ڪاروبار مڪمل طور بند ڪرايو ويو آهي تنهن باوجود ڄاڻايل علائقي ۾ شادي تقريب دوران سيلينڊر جي ڌماڪي انتظاميا جي دعويٰ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي.