حيدرآباد( رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ واري علائقي ۾ قائم زميندار جي گهر مان پورهيت نينگر جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ, وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر, پوليس نينگر کي ملازمت ڏياريندڙ چوڪيدار کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي, رپورٽ موجب نسيم نگر پوليس پوسٽ جي علائقي شيدي ڳوٺ ۾ برڪت ڀرٽ نالي زميندار جي گهران 12 ورهين جي نينگر رشيد کوسو پٽ غلام رسول عرف گل کوسي جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو آهي ۽ وارثن پاران قتل جو خدشو ظاهر ڪرڻ بعد پوليس چوڪيدار اڪبر ڀرٽ کي تحويل ۾ وٺي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته ڇنڇر 18 نومبر تي شام ڌاري نينگر جو لاش زميندار ڳجهه ڳوهه ۾ بنا پوليس ڪاروائي جي سندس ميهڙ ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ قاضي عارف وارثن ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو پر وارثن لاش جي تدفين نه ڪئي ۽ آچر تي منجهند ڌاري لاش نسيم نگر پوليس پوسٽ تي کڻائي پهتا ۽ خدشو ظاهر ڪيو ته رشيد کوسو آپگهات ناهي ڪيو کيس قتل ڪيو ويو آهي ان لاءِ واقعي جي جاچ ڪئي وڃي جنهن بعد انهن نينگر جو لاش وارثن جي موجودگي ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارث نينگر جو لاش واپس ڳوٺ کڻائي ويا سول اسپتال پهتل نينگر رشيد کوسو جي والده وزيران کوسو ٻڌايو ته 3سالن کان پٽ زميندار برڪت ڀرٽ جي بنگلي تي ملازمت ڪندو هو ۽ هڪ ڏينهن اڳ سندن پٽ جو لاش ڳوٺ اماڻي ڄاڻايو پيو وڃي ته رشيد مبينا آپگهات ڪيو آهي والده موجب ته سندس پٽ معصوم پٽ آپگهات ڇو ڪري ها کيس زميندار جي گهر واري ۽ ٻين قتل ڪيو آهي ۽ هاڻي معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر هو زميندار ۽ سندس گهر ڀاتين تي پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائيندا وزيران کوسو موجب ته هو ڪافي عرصي کان برڪت ڀرٽ جا هاري آهن ۽ ڪچي ۾ سندس زمين تي هارپو ڪري گذر سفر پيا ڪن. نسيم نگر پوليس پوسٽ جي انچارج وحيد پنهور جو چوڻ آهي ته انهن زميندار برڪت ڀرٽ جي بنگلي تي ڇاپو هنيو پر هو فيملي سميت فرار ٿي ويو آهي پر انهن بنگلي تي نينگر کي ملازمت ڏياريندڙ سندس چوڪيدار اڪبر ڀرٽ کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته نينگر جا وارث تدفين بعد سڀاڻي ٿاڻي ايندا جنهن بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.