حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد رينج ۾ سماجي براين ۽ منشيات جي وڪري ۾ ملوث پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن جو گهيرو تنگ ڪندي ڊي آءِ جي وڌيڪ 7 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري رورٽ ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊي آءِ جي طارق رزاق ڌاريجو ٿاڻي بولاخان تي مقرر ايس ايڇ او قربا علي قمبراڻي، نوري آباد پوليس اسٽيشن جي اي ايس آءِ محمد حسن وگهيو، سپاهي حمزه باريجو کي معطل ڪندي لائين حاضر ڪيو آهي جڏهن ته ڊي آءِ جي حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر انسپيڪٽر محمد آصف جتوئي کي معطل ڪندي پوليس هيڊڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊي آءِ جي ڄامشورو مان وڏي منشي محمد رمضان برهماڻي ۽ سپاهي مختيار علي ملاح کي معطل ڪرڻ سان گڏ پوليس هيڊڪوارٽر ڄامشورو ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙي ريت ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي جي سپاهي دانيال خانزادي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو. واضح رهي ته ڊي آءِ جي هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊوالهيار ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ مقرر 24 پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن کي آرگنائيزنگ ڪرائيم ۾ ملوث هئڻ تي معطل ڪرڻ سان گڏ مختلف سزائون ٻڌايون هيون. ترجمان جي دعويٰ آهي ته ڊي آءِ بي برانچ جي عملدارن پاران مختلف وقتن تي ڄاڻايل پوليس عملدارن ۽ اهلڪارن خلاف اها رپورٽ فراهم ڪئي وئي هئي ته هو لاڳاپيل ٿاڻن جي حد ۾ هلندڙ مين پڙي ۽ گٽڪي جي وڪري توڙي واهپي خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران منشيات فروشن کان مبينا طور لکين رپيا ڀتو وٺن ٿا جنهن ڪري ڊي آءِ جي پاران کين معطل ڪرڻ سان گڏ ٻيون سزائون به ٻڌايون ويون آهن.