حيدرآباد ريجن ۾ افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿي، انتظاميا انگ اکر هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام

0
154
حيدرآباد ريجن ۾ افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿي، انتظاميا انگ اکر هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام
حيدرآباد ريجن ۾ افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿي، انتظاميا انگ اکر هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ضلعي سميت پوري ڊويزن ۾ غيرقانوني طور رهائش پذير افغانين توڙي ٻين غير ملڪين خلاف اڃا تائين ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي جڏهن ته ڊويزنل انتظاميا ۽ پوليس پاران اڃا تائين افغانين جا پورا انگ اکر به گڏ نه ڪيا ويا آهن. وفاقي سرڪار جي واضح اعلان جي باوجود افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب مقامي ماڻهن ۾ سخت بيچيني واري لهر ڇانيل آهي

افغانين جي حيدرآباد ريجن ۽ ضلعي ۾ انگن اکرن جي ڄاڻ وٺڻ لاءِ بار بار ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن ان اهم معاملي تي ميڊيا کي ڪا به ڄاڻ نه ڏني ۽ پنهنجا موبائيل فون به اٽينڊ نه ڪيا. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته حيدرآباد ضلعي جي مختلف  علائقن ۾ افغانين جا 598 گهراڻا موجود آهن

اهي انگ اکر 27 سيپٽمبر 2023ع تي ترتيب ڏنا ويا هئا. مجموعي طور 2 هزار 917 افغاني شهري ضلعي جي مختلف علائقن ۾ رهائش پذير آهن جن ۾ 818 ننڍي عمر جا ٻار به شامل آهن. ذريعن موجب حيدرآباد سٽي جي گهمن آباد واري علائقي ۾ 9، ڪوئيٽا ٽائون ۾ 342، مدينه ٽائون ۾ 42، بدين چالي واري علائقي ۾ 82، شاهه لطيف ڪالوني افغاني پاڙي ۾ 158، ميٽ خان گنجي ٽڪر جي علائقي ۾ 64، سعيد مري ڳوٺ ۾ 38، مهر علي سوسائٽي ۾ 14، گدار ڪالوني ۾ 48، انڊس بنگلوز ۾ 5، سائيٽ ڪالوني ڪالي ماتا مندر ويجهو 22، گلگت ڪالوني ۾ 21، اماني شاهه ڪالوني ۾ 194، پٺاڻ ڳوٺ ڄامشورو روڊ تي 195، مظفر آباد واري علائقي ۾ 55 ۽ علي آباد واري علائقي ۾ 245 افغاني رهائش پذير آهن. سڀ کان وڌيڪ افغاني ڪوئيٽا ٽائون ۾ موجود آهن جتي سندن 342 گهر ۽ 494 ٻارڙا به انهن افغانين سان گڏ رهائش پذير آهن

حيدرآباد ضلعي سميت ريجن ۾ افغانين خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ سبب اڃا تائين ڪا به لڏپلاڻ نه ٿي آهي ۽ نه ئي وري افغانين پنهنجا ڪاروبار بند ڪيا آهن. لطيف آباد جي هڪ علائقي ۾ هوٽل هلائيندڙ افغاني پنهنجي وڊيو رڪارڊنگ ۾ اهو چئلينج ڪيو ته هو سنڌ نه ڇڏيندو ۽ نه ئي وري پنهنجو ڪاروبار بند ڪندو. سندس اها وڊيو سوشل ميڊيا جي مختلف گروپن ۾ وائرل ٿي جنهن جو نوٽيس وٺندي حيدرآباد پوليس ان افغاني کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. حبيب الله افغاني نالي ان شخص کي بي سيڪشن پوليس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو

ٻئي طرف ساندهه 2 ڏينهن ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو سان موبائيل فون ذريعي رابطو ڪري ريجن ۾ افغانين خلاف ڪارروائي جي حوالي سان معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان صاحب ان حوالي سان ڪا به معلومات فراهم نه ڪئي ۽ نه ئي وري پنهنجو موبائيل فون اٽينڊ ڪيو. اهڙي ريت ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد طارق قريشي سان به رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن به پنهنجو موبائيل فون اٽينڊ نه ڪيو. افغانين خلاف حيدرآباد ضلعي سميت ريجن ۾ اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهن ۾ بيچيني پيدا ٿيل آهي جڏهن ته افغانين جو ڪاروبار بدستور کليل آهي ۽ هو دينا داسي پنهنجي گهرن ۾ موجود آهن ۽ مختلف حوالن سان اهو چئلينج ڏئي رهيا آهن ته هو پنهنجو ڪاروبار بند ڪري افغانستان واپس نه ويندا