حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) قاسم آباد جي خانگي اسڪول ۾شاگردياڻي مدينا چنا کي ماسترياڻين پاران مبينا طور ذھني ٽارچر جو نشانو بڻائڻ واري معاملي تي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز ايجوڪيشن الزام هيٺ آيل ٽن ماسترياڻين کي هٽائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته اسڪول مان بيدخل ڪيل 6 ٻارن کي به اڃا تائين ٻيهر داخلا ناهي ڏني وئي. 8 نومبر تي ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز محمد انور قريشي خانگي اسڪول جي پرنسپل کي خط لکي هدايت ڪئي ته ماسترياڻين شبانا شيخ، خوشبخت ۽ ماريا کي هٽائي بيدخل ڪيل 6 ٻارن کي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪري سندن پڙهائي جاري رکي وڃي.واضح رهي ته اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي مدينا چنا جي والد 6 نومبر 2023ع تي اسڪول انتظاميا خلاف ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول کي درخواست ۾ دانهن ڏني هئي.ذريعن موجب ڊائريڪٽر پاران لکيل خط باوجود اڃا تائين اسڪول انتظاميا پاران ڪنهن به ماسترياڻي خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي وري بيدخل ڪيل ٻارن کي ٻيهر اسڪول ۾ داخل ڪيو پيو وڃي. ”پنهنجي اخبار“ پاران رابطو ڪرڻ تي خانگي اسڪول جي پرنسيپل صادق سولنگي دعويٰ ڪئي ته کيس اهڙو ڪو به ليٽر ناهي مليو. جيڪڏهن ملي ها ته ان تي عمل ڪيو وڃي ها. هن چيو ته مدينا چنا جي والدين سان مامرو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن ڪا به ڳالهه نه ٻڌي ۽ معاملو ڊائريڪٽر تائين پهچايو.ٻئي طرف مدينا چنا جي والد عبدالرحمان چنا جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻين شبانا شيخ، خوشبخت ۽ ماريا سندن نياڻي کي ذهني طور ٽارچر ڪيو جنهن ڪري سندس حالت خراب ٿي.