حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قومي اسيمبلي جي ٽن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڇهن تڪن تي اميدوارن پاران جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ جي ٽئين ڏينهن تي رٽرننگ آفيسرن 50 اميدوارن جا فارم بحال ۽ 5 اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 219 تي 9 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا جن ۾ عبدالعليم خان، زوهيب حسين، پ پ اميدوار زاهد علي ڀرڳڙي، محمد عرفان قريشي، سيد سهيل محمود، عتيق الرحمان، جي يو آءِ اميدوار خالد حسين ڌامراهه، ايم ڪيو ايم اميدوار عمران خانزادو ۽ ايم ڪيو ايم اميدوار سيد وسيم حسين شامل آهن. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 220 تي 3 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا آهن جن ۾ پ پ اڳواڻ عرفان گل مگسي، ايم ڪيو ايم اميدوار صالح الدين ۽ خالد عزيز شامل آهن. صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 60 تي 4 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا آهن جن ۾ ساحر اياز پليجو، محمد عمر چانڊيو، ولي محمد ۽ سهيل خان شامل آهن. پي ايس 61 تي 7 اميدوارن جا فارم منظور ڪيا ويا جن ۾ خاوند بخش جهيجو، سيد پير شهباز حسين شاهه، افتخار احمد، دانيال فاروق، نياز علي شاهه ۽ جواد حسين لغاري شامل آهن. پي ايس 61 تي منٺار علي، محمد عمران راجپوت ۽ محمد ناصر عباسي جا فارم رد ڪيا ويا آهن. پي ايس 62 تي 3 اميدوارن جا فارم منظور ڪيا ويا جن ۾ ايم ڪيو ايم اميدوار صابر حسين قائمخاني، جاويد ۽ محمد نويد شامل آهن. پي ايس 63 تي 10 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن جن ۾ سعيد الدين، وسيم خان شيرواني، محمد علي، نثار احمد خان، آغا صدر، عبيد الله خان، ناصر علي خان، نديم عمر، سيد سهيل محمود ۽ راحيل احمد شامل آهن. پي ايس 64 تي 11 اميدوارن جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا جن ۾ سيد وسيم حسين، عبدالوحيد، فيصل نديم شيخ، نعيم الدين، بابر جلال، شاڪر محمود، محمد راشد قريشي، محمد راشد خان، نادر خان، سنڌ هاري ڪميٽي جي اميدوار ثمر حسين ۽ محمد شاهد خان شامل آهن. صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 65 تي 3 اميدوارن جا فارم بحال ڪيا ويا جن ۾ ناصر حسين قريشي، محمد احمد رشيد، محمد اقبال آرائين شامل آهن جڏهن ته عبدالمعيز ۽ مسمات آشفه جا فارم مختلف سبب ڄاڻائي رد ڪيا ويا آهن.