حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ايس ايس پي امجد شيخ 3 ٿاڻن جي ايس ايچ اوز جون بدليون ڪيون آهن. هٽڙي ٿاڻي تان معطل ڪري هٽايل زاهد لغاري جي جاءِ تي پوليس لائين مان ضياد نوناري کي ايس ايچ او هٽڙي مقرر ڪيو ويو آهي. بلديا ٿاڻي جي ايس ايچ او رئيس خانزادو کي بدلي ڪري فورٽ ۽ فورٽ تان ابراهيم بوزدار کي بدلي ڪري هٽڙي ٿاڻي جو ايس ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي.