حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڊپٽي مئير ۽ پ پ جي اڳوڻي ضلعي صدر صغير قريشي تي حيدرآباد صدر واريآفيس جو ڪرايو نه ڏيڻ تي مالڪ پاران کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، آفيس جي مالڪ پروفيسر سھيل احمد جعفري پنهنجي وڪيل عمران علي ٻوڙاڻو معرفت موڪليل ليگل نوٽيس ۾ چيو آھي ته ڊپٽي مئير صغير قريشي تي 73 لک رپيا رھتون آھن ھن کيس صدر ۾ پراپرٽي جي آفيس مسواڙ تي ڏني ھئي پر ھن قانون جي خلاف ورزي ڪئي ھن بنا اجازت آفيس ۾ ردوبدل ڪري ملڪيت کي نقصان رسايو مٿس مسواڙ جي مد ۾ 67 لک 78 ھزار جون رھتون آھن جيڪي ھو ادا نه پيو ڪري روز ٽاري رھيو آھي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته صغير قريشي تي حيدرآباد ڪنٽونمينٽ بورڊ جي سائن بورڊ جي ٽيڪس جي مد ۾ 81 ھزار ۽ يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ 42 به ھزار ادا نه ڪيا آھن ھن وڌيڪ چيو ته ڊپٽي مئير کي 15 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو پر ھن ڪو به جواب نه ڏنو انڪري عيد کانپوءِ ھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊپٽي مئير صغير قريشي رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڄاڻايل آفيس ھن 3 سال اڳ خالي ڪري ڇڏي هئي مٿس ڪي به رھتون ناھن ھن چيو ته مون پنهنجي وڪيل سان ڳالھايو آھي آئون ھن مٿان ڪيس ڪندس.