حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي چئن يونين ڪاميٽين جي 4 مختلف سيٽن تي اڄ ننڍي چونڊ ٿيندي. ننڍي چونڊ لاءِ مجموعي طور 15 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. چونڊ صبح جو 8 بجي کان شروع ٿيندي جيڪا 5 بجي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي. ٽي ايم سي پريٽ آباد جي يونين ڪاميٽي 46 جي وارڊ نمبر هڪ تي ٻن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جن ۾ اميدوار حارث احمد ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو محمد عالم غوري شامل آهن. ٽي ايم سي پريٽ آباد جي يونين ڪاميٽي 51 جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي 5 اميدوار هڪٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن جن ۾ پ پ جو محمد فرحان، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو شهباز صديقي، آزاد اميدوار تنوير احمد، عدنان رشيد راجپوت ۽ محمد جبران شامل آهن. اهڙي ريت ٽي ايم سي حسين آباد جي يونين ڪاميٽي 125 جي چيئرمين جي عهدي تي چونڊ ۾ 5 اميدوار هڪٻئي جو مقابلو ڪري رهيا آهن. جن اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي انهن ۾ پ پ جو استحسان برڪت ۽ آزاد اميدوار حاجي رحمت الله ساند، ماجد حسين، محبوب ابڙو ۽ نعيم احسن شامل آهن. ٽي ايم سي حسين آباد جي يونين ڪاميٽي 140 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چئن جوڙن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. پ پ پاران چيئرمين جي عهدي تي ذوالفقار علي، وائيس چيئرمين جي عهدي لاءِ عمران علي، پاڪستان سٽيزن موومينٽ پاران چيئرمين جي عهدي تي سڪندر علي لاشاري، وائيس چيئرمين جي عهدي رميز احمد رجب علي، جمعيت علماءِ اسلام پاران چيئرمين جي عهدي تي محمد اسلم چانڊيو ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي نجم الدين جڏهن ته آزاد اميدوار طور چيئرمين جي عهدي تي مختيار علي سنجراڻي ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي سعيد علي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. يونين ڪاميٽي 46 جي چونڊ لاءِ هڪ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي. يونين ڪاميٽي 51 لاءِ 5، يونين ڪاميٽي 125 لاءِ 5 ۽ يونين ڪاميٽي 140 تي چونڊ لاءِ 4 پولنگ اسٽيشنون قائم ٿيل آهن. پرزائيڊنگ آفيسرن کي سامان ڏئي پولنگ اسٽيشنن ڏانهن روانو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ 10 سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿيڻي هئي جن مان يونين ڪاميٽي 42 جو وائيس چيئرمين، يونين ڪاميٽي 132 جو چيئرمين ۽ يونين ڪاميٽي 144 جو به وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. يونين ڪاميٽي 62 جي وارڊ نمبر هڪ ۽ 2 تي نامزدگي فارم جمع نه ٿيا ان ڪري اهي سيٽون خالي رهجي ويون آهن. اهڙي طرح يونين ڪاميٽي 38 جي وارڊ نمبر 2 تي 2 نامينيشن فارم جمع ٿيا جيڪي لاڳاپيل عدالت رد ڪري ڇڏيا جنهن سبب اها سيٽ به خالي رهجي وئي. سمورين پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.