حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عدالت پاران جاري ڪيل اسٽي آرڊر ختم ٿيڻ تي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي وائيس چيئرمين جي خالي سيٽ تي ننڍي چونڊ جو ترميمي شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق هلندڙ سال 27 مئي تي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي بلدياتي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد هڪ آئيني درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي شيڊول معطل ڪري ڇڏيو هو. نئين شيڊول تحت اميدوار رٽرننگ آفيسر جي منظور ڪيل نامزدگي ڪاغذن متعلق فيصلن خلاف اپيلون 18 کان 19 نومبر تائين جمع ڪرائي سگهندا جڏهن ته اپيليٽ اٿارٽي 21 نومبر تائين اپيلن جا فيصلا جاري ڪندي. نامزدگي ڪاغذن تان هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ 22 نومبر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته اميدوارن جا نالا ۽ انتخابي نشان 23 نومبر تي جاري ڪيا ويندا. ترميمي شيڊول مطابق وائيس چيئرمين جي سيٽ تي ننڍي چونڊ 27 نومبر تي ٿيندي.