حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، سول ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽن ۾ وڪيلن جو نائين ڏينھن بائيڪاٽ جاري رھيو سيشن ڪورٽ جي مک دروازي تي وڪيلن جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، پوليس اھلڪارن ۽ آفيسرن کان پوءِ وڪيلن گذريل ڏينهن عام عوام جي لاءِ به عدالت ۾ داخلا تي بندش لڳائي ڇڏي، وڪيلن تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ايفيڊيوٽ برانچ مڪمل طور بند سائلين کي عدالت ۾ اچڻ کان وڪيلن روڪي ڇڏيو عدالت جي مک گيٽن وٽ تالا لڳي ويا وڪيلن جو ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف نعريبازي، کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي صدر ايڊووڪيٽ اشعر مجيد کوکر چيو ته ايس ايس پي جي روين سبب عام شهرين ۽ وڪيل برادري کي خدشا آھن، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مسعود رسول بابر ميمڻ چيو ته ايس ايس پي تي اختيارين جي غلط استعمال، لاپرواهي، بدسلوڪي، حراسان ڪرڻ، زمين جي مافيا، ڏوهن ۽ منشيات وارن گروهن جي حمايت جو الزام آھي وڪيلن سان بدتميزي ڪرڻ جو بہ الزام آھي، ايڊووڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊووڪيٽ ظھيرالدين سھتو، ايڊووڪيٽ نويد جروار، ايڊووڪيٽ فيصل مغل چيو ته حيدرآباد ضلعي ۾ عدالتي ڪم معطل ٿي چڪو آهي، جيڪو وڪيلن، قيدين ۽ عام ماڻهن لاءِ سخت تڪليف جو سبب بڻجي رهيو آهي تنهنڪري، فوري طور تي SSP حيدرآباد کي بدلي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف حيدرآباد جي ضلعي ۽ سيشن جج جي سامهون هڪ جاچ پڻ هلندڙ آهي، جنهن جو شفاف طريقي سان جاري رهڻ ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي موجوده عهدي تي رهڻ سان ممڪن نه آهي، فوري ڪارروائي وٺڻ ۽ ايس ايس پي کي حيدرآباد مان بدلي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيئن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي عوام جو اعتماد بحال ٿي سگهي ٻئي طرف وڪيلن جي احتجاج سبب بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي سمورين عدالتن جي ھاء ڪورٽ بارن ۽ ضلعي بارن ايسوسيئش پاران به اڄ خميس ڏينھن تي عدالتي ڪاروھنوار بند رھندو ۽ سنڌ جي اڪثر عدالتن ۾ اڄ عدالتي ڪاررواين جو بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي وڪيلن طرفان اڄ ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن تي ايس ايس پي حيدرآباد پوليس هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڌرڻي جي اعلان کانپوءِ ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار پوليس کي الرٽ رهڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ايس ايس پي پاران پوليس جي جاري ڪيل حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي آفيس اندر 166 پوليس اهلڪار مقرر هوندا، جڏهن ته پوليس هيڊڪوارٽر ۾ 130 پوليس اهلڪار الرٽ هوندا ۽ ڊي ايس پي قاسم آباد جي سربراهي ۾ 50 اهلڪار جي او آر ٿاڻي تي موجود هوندا. ٻئي طرف هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي عهديدارن جو گڏيل اجلاس ٿيو، اڄ سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻنهي بارن جي ٽن ٽن عهديدارن تي مشتمل 6 ميمبرن جي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪميٽي ۾ هاء ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر اياز تنيو، نائب صدر حميد الله ڏاهري ۽ جنرل سيڪرٽري عرفان ٻگهيو شامل ھوندا، جڏهن ته حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جو صدر اشعر مجيد کوکر، نائب صدر حفيظ سولنگي ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ به ڪميٽي ۾ شامل هوندا. گڏيل اجلاس ۾ ٻنهي بارن جي صدرن، نائب صدرن، جنرل سيڪريٽرين، جوائنٽ سيڪريٽرين، خزانچين، لائبريري سيڪريٽرين ۽ مئنجنگ ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات کانپوء نئين حڪمت عملي جوڙن جو فيصلو ڪيو ويو آهي.