حيدرآباد(بيورو رپورٽ ) ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ خلاف وڪيلن جو ٻارھين ڏينھن به احتجاج رکيو ويو، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ احتجاج ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته وڪيلن جي جدوجھد ضرور رنگ لائيندي ۽ جلد وڪيل برادري سوڀاري ٿيندي. وڪيلن جي احتجاج سبب ڊسٽرڪٽ ڪورٽس، سول ڪورٽس ۽ خصوصي عدالتن ۾ ڪيس نه هليا، ڪيس نه هلي سگهيا، جنهن ڪري سوين ڪيس رولڙي جو شڪار آهن ۽ سائل رلي ويا آهن، وڪيلن پاران ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي بدلي نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي مک دروازي تي وڪيلن جي ڪئمپ قائم ڪيل آهي، پوليس اھلڪار ۽ آفيسرن سميت عام عوام جي عدالت ۾ داخلا تي بندش لڳل آهي، ٻئي طرف حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان وڪيلن جي گڏجاڻي لاءِ “آل سنڌ وڪلا ڪنوينشن” منعقد ڪيو ويندو، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر اشعر مجيد کوکر باضابطا ڪنوينشن دعوت لاءِ سرڪيولر به جاري ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪنوينشن خاص طور تي ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار جي خلاف خدشن تي ڳالهه ٻولهه لاءِ آهي، جنهن کي سنڌ جي وڪيلن برادري پاران “ناپسنديده شخص” قرار ڏنو ويو آهي.
سڀاڻي تائين مسئلي حل جي خاطري ڪرائي وئي آھي: وڪيل اڳواڻ
حيدرآباد: ھاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جوڙيل ايڪشن ڪاميٽي اعليٰ اختيارين ۽ سرڪاري ڪاميٽي جي ميمبرن سان ملاقات بعد ڊسٽرڪٽ بار ۾ حيدرآباد بار جي نئين آيل باڊي جي صدر اشعر مجيد کوکر ۽ جنرل سيڪريٽري مسعود رسول بابر ميمڻ پاران پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته معزز جسٽس ۽ ڪميٽي اڳواڻن سان ملاقات ٿي. سومر ڏهاڙي مسئلي حل جي خاطري ڪرائي وئي آھي، وڪيلن ۽ ايس ايس پي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بابت آگاھي ڏني پنھجي شڪايت ڏني سومر تائين بھتري جي اميد ملي آھي مسئلو حل ٿي ويندو ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جو احتجاج جاري آھي، جيستائين ايس ايس پي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو تيستائين احتجاج عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ جاري رھندو، سومر ڏهاڙي مسئلي جو حل نه ٿيو ته ھاءِ ڪورٽ بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي سموري باڊيز جو اجلاس سڏايو ويندو.
|
ٻئي مرحلي ۾ ايفي ڊيوٽ برانچ به مڪمل طور بند: وڪيلن سائلين کي عدالت اچڻ کان روڪي ڇڏيو
حيدرآباد: وڪيلن جي تحريڪ ٻئي مرحلي ۾ ايفيڊيوٽ برانچ مڪمل طور بند سائلين کي عدالت ۾ اچڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت جي مک گيٽن وٽ تالا لڳي ويا، وڪيلن جو ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار خلاف نعريبازي، کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.