حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا پاران قاسم آباد جي واڌو واهه تان حددخليون ڄاڻائي اڏاوتن خلاف شروع ڪيل ڪارروائي ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهي. ٻن ڏينهن دوران ڪيترائي گهر، دڪان، واڙا ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ماڻهن جو سامان روڊن رستن تي پيل آهي. بي گهر ٿيل ماڻهن سخت سيءَ ۾ کلي آسمان هيٺ رات گذاري، هر ڏينهن تي ٿيندڙ ڪارروائي ۾ متاثرن جو انگ اڃا وڌندو پيو وڃي. ڪارروائي جي پهرين ڏينهن تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي ابتظاميا پوليس جي وڏي نفري سان گڏ مشينري جو تعداد وڌائي ڪارروائي شروع ڪئي، عورت پوليس اهلڪار پڻ موجود هيون. ٻئي ڏينهن تي ٿيل ڪارروائي دوران متاثر ماڻهن ڪا گهڻي مزاحمت نه ڪئي. ڪجهه ماڻهن انتظاميا جي عملدارن سان منهن ماري ڪئي. ماڻهو پاڻمرادو پنهنجا گهر خالي ڪرڻ لڳا آهن ۽ انتظاميا کي اپيل ڪئي آهي ته گهر خالي ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه مهلت ڏني وڃي. ڪجهه متاثر پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن هليا ويا آهن. جڏهن ڪيترائي ماڻهو کلي آسمان هيٺ آهن. اندازي موجب 150 کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته دڪان، واڙا ۽ ٻيون اڏاتون ان کان الڳ آهن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته صورتحال ڪهڙي به هجي هر حال ۾ رياستي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. جڏهن ته آئون ذاتي طور تي حددخلين جي خاتمي لاءِ هلندڙ ڪارروائي جي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن حددخليون هٽائڻ دوران قبضا خورن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي هئي، ان جي باوجود به اڄ پوليس انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي گڏيل ڪوششن سان قاسم آباد جي واڌو واهه جي بحالي جي سلسلي ۾ ڳري مشينري جي ذريعي غير قانوني عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي.