حيدرآباد / ٽنڊو ڄام (رپورٽ :فيض کوسو/  اظهر لوچي) حيدرآباد مان انبن جي واپاري حسن ناصر نظاماڻي کي اغوا ڪري رتيديري ڀرسان ڊکڻ جي علائقي ۾ قتل ڪندڙ ڌاڙيلن جي گروهه جي سربراهه کي حيدرآباد پوليس مقابلي ۾ مارڻ ۽ سندس هڪ ساٿي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. اهو مبينا مقابلو راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ ٿيو جنهن ۾ راهوڪي، اي سيڪشن ۽ هٽڙي پوليس حصو ورتو. چيو پيو وڃي ته 6 ڌاڙيل راهوڪي ٿاڻي جي حد ۾ موجود هئا. اطلاع تي پوليس پارٽي پهچي ڌاڙيلن سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ واپاري حسن ناصر نظاماڻي کي اغوا ڪري قتل ڪندڙ ڌاڙيلن جي ٽولي جو سربراهه عبدالوهاب ويسر مارجي ويو جڏهن ته ساڻس گڏ عبدالقادر سيال کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. 4 ڌاڙيل پوليس کان فرار ٿي ويا. پوليس چيو آهي ته حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا ۾ مارجي ويل ڌاڙيل عبدالوهاب ويسر جو مک ڪردار هو ۽ هن ئي حسن ناصر نظاماڻي تي گولي هلائي کيس ماري ڇڏيو هو. مارجي ويل ڌاڙيل عبدالوهاب ويسر رتيديري جي ڳوٺ چنگل ويسر جو رهواسي هو. هن جي خلاف قتل، قتل جي ارادي، ڀنگ لاءِ اغوا، غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ پوليس سان مقابلي جهڙا مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ هو ٻن ڪيسن ۾ مفرور به هو. حيدرآباد پوليس سندس گرفتاري تي 50 لک رپين جي انعام لاءِ سنڌ حڪومت کي سفارش به ڪئي هئي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالوهاب ويسر لاڙڪاڻي جي عاقل ٿاڻي جي حد ۾ به هڪ ماڻهو کي اغوا ڪيو هو ۽ هن جي بازيابي لاءِ 22 لک رپيا ڀنگ ورتو هو. هن جو لاش سندس ماءُ ارباب خاتون وصول ڪيو. پوليس هٿان گرفتار ٿيل ڌاڙيل عبدالقادر سيال بابت پوليس ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته هو هڪ اڳوڻي صوبائي وزير جو گارڊ به رهي چڪو آهي. عبدالقادر سيال شهدادڪوٽ جي ڳوٺ بگو جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي. واضح رهي ته واپاري حسن ناصر نظاماڻي کي 11 آڪٽوبر تي راهوڪي ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو. حيدرآباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ دادو پوليس 24 آڪٽوبر تي سندس بازيابي لاءِ رتيديري ڀرسان ڊکڻ جي علائقي ۾ آپريشن ڪيو ته ان دوران ڌاڙيلن کيس گولي هڻي ماري ڇڏيو هو ۽ کيس يرغمال بڻائيندڙ ڌاڙيل فرار ٿي ويا هئا. ان مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي مارڻ ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.

مارجي ويل ڌاڙيل عبدالوهاب ويسر خوشحال هجڻ باوجود ڌاڙيل بڻيو

حيدرآباد:  پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڌاڙيل عبدالوهاب ويسر خوشحال هجڻ جي باوجود ڏوهاريسرگرمين ۾ ملوث هو. ڊکڻ جي علائقي ۾ هن جو 150 ايڪڙ تي مشتمل مڇي جو فارم به هو جتي واپاري حسن ناصر نظاماڻي کي يرغمال بڻائي رکيو ويو هو. هوڏانهن راهوڪي ٿاڻي تي ڌاڙيلن سان ٿيل مقابلي جا 2 الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اهي ڪيس هوسڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر مقصود مڱڻهار جي فرياد تي داخل ڪيا ويا آهن. هڪ ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي اطلاع مليو ته واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث جوابدار عبدالوهاب ويسر، عبدالقادر سيال، اختيار جتوئي، صاحب جتوئي ۽ عبيد الله ملاح ساڳئي ڪيس ۾ نامزد شير محمد عرف شيرو ملاح سان ملڻ لاءِ آيا آهن ۽ خرم فارم ۾ موجود آهن. پوليس باغ ۾ پهتي ته جوابدار فرار ٿيڻ لڳا ۽ ان دوران انهن پوليس پارٽي تي فائرنگ به شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار زخمي ٿي پيو ۽ ٻيو جوابدار به ڊوڙندي زمين تي ڪري پيو جڏهن ته سندن 4 ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. زخمي ٿيل جوابدار جو نالو عبدالوهاب ويسر ولد حاجن ذات ويسر ٻڌائي جيڪو بعد ۾ زخمن جا سور نه سهندي مري ويو. ڊوڙندي ڪريل جوابدار کي به پوليس گرفتار ڪيو جڏهن ته اتي بيٺل موٽرسائيڪلون به پوليس پنهنجي تحويل ۾ ورتيون. هڪ ٻيو ڪيس به انسپيڪٽر مقصود مڱڻهار جي فرياد تي گرفتار ڪيل جوابدار عبدالقادر ولد محبوب سيال خلاف داخل ڪيو آهي. گرفتار جوابدار وٽان پوليس کي بنا لائسنس جي پسٽل ۽ گوليون هٿ آيو آهي جڏهن ته اهو ڪيس آرمس ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي.