حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ اڍائي مڻ چرس هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج اشفاق مغل جي عدالت جوابدار عبدالغني آرائين کي قيد سان گڏ هڪ لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي موجب جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6 مهينا قيد ڀوڳيندو. اي اين ايف پوليس 2021ع دوران هٽڙي باءِ پاس جي علائقي ايوب هوٽل تان جوابدار کي ڪار سميت گرفتار ڪري سندس قبضي مان 99 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ انسپيڪٽر نعيم احمد خان جي فرياد تي اي اين ايف تحت ڪيس داخل ڪري عدالتي حڪم بعد جيل اماڻيو. لاڳيتو جوابدار جيل ۾ هو ۽ عدالت پاران 6 سيپٽمبر تي ٽرائل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن عدالت فيصلو ٻڌائيندي جوابدار کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار جو تعلق سانگهڙ واري علائقي سان آهي. اي اين ايف مٿس الزام هنيو ته هو منشيات جو وڏو ڊيلر آهي ۽ پنهنجي جي ايل آءِ ڪار ۾ هن منشيات جي وڏي کيپ حيدرآباد ۾ منتقل پئي ڪئي جيڪا ڪوشش ناڪام بڻائيندي کيس گرفتار ڪيو ويو هو.