حيدرآباد سان تعلق رکندڙ حوريه اميري جي مختصر دستاويزي فلم بين الاقوامي اداري جي طرفان گلوبل اسٽوري ٽيلنگ ڪمپيٽيشن 2021 ايوارڊ جي لاءِ چونڊجي وئي، بين الاقوامي مقابلي ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا ايران ۽ سربيا سوڌو يورپ جي 37 ملڪن جي 400 ماڻهن حصو ورتو، حوريه اميري پنهنجي مختصر دستاويزي فلم ۾ حيدرآباد سوڌو پاڪستان ۾ کاري پاڻي جي فراهمي، صحت ۽ صفائي جي کوٽ، ڪچري ۽ ان سان پکڙجڻ وارين بيمارين جي نشاندهي ڪئي هئي، حوريه اميري جي دستاويزي فلم سوڌو ٻين دستاويزي فلمن جون تصويرون ورچوئل آرٽ گيلري ۾ رکيون ويون، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي حوريه اميري جو چوڻ هو ته هن کي دستاويزي فلم تي ايوارڊ سان گڏ 2500 ڊالر ۽ اسڪالرشپ به ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، حوريه اميري نه صرف حيدرآباد پر پاڪستان جي مسئلن کي دنيا ۾ اجاڳر ڪري پنهنجو حصو وجهي ڇڏيو، پر حڪومت ڪڏهن انهن مسئلن کي حل ڪندي، شهرين جو هن کي انتظار آهي..
Home سڀ کان وڌيڪ پڙهيون ويندڙ خبرون حيدرآباد جي شاگردياڻي جو عالمي سطح تي دستاويزي فلم جي مقابلي ۾...