حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي روڊن جي اڏاوت جا پئسا پنجاب منتقل، پي ايس ڊي پي تحت حيدرآباد لاءِ مختص 10 ڪروڙ 50 لک رپيا منتقل ڪيا ويا، وفاقي سرڪار جي پلاننگ ڪميشن رقم جي منتقلي جو آرڊر به جاري ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق وفاقي حڪومت جي پي ايس ڊي پي منصوبي تحت سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي رستن جي اڏاوت ۽ بحالي لاءِ رکيل 10 ڪروڙ 50 لک رپين جي رقم پنجاب منتقل ڪئي وئي آهي. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت جي پلاننگ ڪميشن جي منسٽري آف پلاننگ ڊولپمينٽ اينڊ اسپيشل انيشيٽو پاران حيدرآباد مان پنجاب ڏانهن رقم جي منتقلي بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ان رقم مان جي ٽي روڊ، گجرات-لالا موسيٰ (گاکاري اسٽاپ) کان گجرات ڊنگا روڊ (چاکورائي ڀلوال اسٽاف) سميت اسڪيم ۾ شامل ضلعي گجرات جي ٻين رستن جي تعمير ۽ بحالي ڪئي ويندي. اها رقم ڊولپمينٽ گرانٽ نمبر 128 ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس پاران حيدرآباد جي رستن جي اڏاوت ۽ بحالي لاءِ رکيل هئي جيڪا منتقل ڪئي وئي آهي. رقم جي منتقلي بابت منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ فنانس ڊپارٽمينٽ کي به آگاهي ڏيندي چيو ويو آهي ته هو لاڳاپيل قانون تحت ان حوالي سان وڌيڪ قدم کڻن. واضح رهي ته تازين برساتن سبب حيدرآباد جا روڊ رستا تباهه حالي جو شڪار آهن پر پي ايس ڊي پي جي اها رقم حيدرآباد جي رستن تي خرچ ڪرڻ بدران ان کي پنجاب جي گجرات ضلعي ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ واسين ۾ ڳڻتي جي لهر به ڇانيل آهي.