حيدرآباد جي ذهين شاگردياڻي پهريون سنڌي ڪيلڪيوليٽر ٺاهي ورتو

0
23
حيدرآباد جي ذهين شاگردياڻي پهريون سنڌي ڪيلڪيوليٽر ٺاهي ورتو
حيدرآباد جي ذهين شاگردياڻي پهريون سنڌي ڪيلڪيوليٽر ٺاهي ورتو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) 16 ورهين جي شاگردياڻي ماه روز ٽيڪنالاجي جي مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي جي مدد سان سنڌي ٻولي ۾ پاڪستان جو پهريون ڪيلڪيوليٽر تيار ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو صرف ٽن ڏينهن ۾ تيار ڪيو ويو آهي. ھن ڪيلڪيوليٽر مان سنڌي ڳالهائيندڙ ڪاروباري ماڻھو فائدو وٺي سگھن ٿا. ماه روز ظفر جو چوڻ آهي ته اڄ جي دور ۾ ڊگري کان وڌيڪ مهارت (اسڪِلز) جي اهميت آهي، سائنس جي ميدان ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون ڪنهن کان به پوئتي نه آهن. جديد ٽيڪنالاجي سان ليس AI اسڪول ۾ شاگردن کي تعليم دوران ئي روزگار جي  سکيا ڏني وڃي ٿي. ھن اسڪول ۾ رواجي ڪتاب، پينسل، يا ربر بدران جديد تعليمي ماڊل اختيار ڪيو ويو آهي جتي مصنوعي ذهانت، سمارٽ ڊيوائيسز ذريعي تعليم ڏني وڃي ٿي. هر شاگرد پنهنجي دلچسپي ۽ رفتار مطابق ڪجهه نئون تخليق ڪري رهيو آهي. ماہ روز AI اسڪول جي ڪلاس دوران ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن مصنوعي ذهانت جي مدد سان سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي زندگي آسان بڻائڻ لاءِ سنڌي ڪيلڪيوليٽر ڊيزائن ڪيو آهي. سنڌ ۾ وڏي آبادي تعليم کان محروم آهي جيڪي صرف سنڌي ٻولي سمجهن ٿا ان کي نظر ۾ رکندي هي ڪيلڪيوليٽر تيار ڪيو ويو آهي. ڪيلڪيوليٽر ٺاهڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي ۽ ٻين ٽيڪنالاجيز جي مدد ورتي وئي. جيڪڏهن حڪومت دلچسپي ڏيکاري ته هن ڪيلڪيوليٽر جو ڪمرشل استعمال به ٿي سگهي ٿو. هن جي تخليقي صلاحيتن جي استاد ريحان الله والا به واکاڻ ڪئي .

ماهه روز جي اسڪول ۾ ٻارن کي لرننگ سان گڏ ارننگ به سيکاري وڃي ٿي

حيدرآباد: ذهين شاگردياڻي ماهه روز جي استاد استاد ريحان الله والا چيو ته اسان پنهنجي اسڪول ۾ ٻارن کي لرننگ (تعليم) سان گڏ ارننگ (ڪمائڻ) به سيکاريون ٿا. وائيس پرنسپل رباب فاطمه ٻڌايو ته اسان ٻارن کي اهڙي طرح تيار ڪريون ٿا جو هو تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي ڪمائي سگهن. نه رُڳو ٻارن پر انهن جي والدين لاءِ به هر هفتي 4 ڪلاڪ جون ڪلاسز ٿين ٿيون ته جيئن هو نصاب کي سمجهي سگهن.هن اسڪول ۾ سموري تعليم ڪمپيوٽر ۽ سمارٽ ڊيوائيسز ذريعي ڏني وڃي ٿي جتي هر ڪلاس، اسائنمينٽ، ۽ امتحان به ڪمپيوٽر جي مدد سان ٿين ٿا.