حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليم کاتي جي مفت تعليم واري پاليسي کي گهڻن اسڪولن جي انتظاميا ٿڏي ڇڏيو. پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي امتحانن دوران حيدرآباد شھر جي اسڪول انتظاميا پاران ٻارن کان پيپرن جي نالي لکين رپين جي اوڳاڙي ڪئي وئي. تفصيل موجب سنڌ جي تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ مفت تعليم جي دعوائن جي برعڪس حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني جي گورنمينٽ گرلز  ماڊل هائر سيڪنڊري اسڪول جي انتظاميا جي حڪم تي تازو هلندڙ امتحاني پيپرن جي نالي تي چوٿين ۽ پنجين درجي جي سوين ٻارن کان في ٻار هڪ سئو روپيا ۽ ڇهين کان اٺين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان في ٻار کان 200 روپيا ورتا ويا، اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارن جي والدين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته سرڪار مفت تعليم جي دعوئ ته ڪري ٿي پر  هر دفعي ڪنھن نه ڪنھن بهاني ٻارن کان پئسا گهريا وڃن ٿا اسان جي مزدوري سان ٻارن کي کارائڻ ۽ گهر هلائڻ مشڪل آهي ته سرڪاري اسڪولن جون فيون ڪٿان ڀري سگهنداسين. ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته اسڪول ۾ مقرر ڪافي استادن کي پئسن عيوض ڇوٽ ڏني وڃي ٿي جنھن ۾ مانيٽرنگ وارا به شامل آهن، ٽيم  جي اچڻ جي اطلاع تي ويزا تي ويل استادن کي گهرائي حاضر ڪيو ويندو آهي جڏھن ته ميلاد، انسپيڪشن ۽ ٻين سرگرمين جي نالي تي گورنمينٽ ماڊل هائير سيڪنڊري اسڪول جي استادن کان پڻ مختلف وقتن تي اوڳاڙي ڪئي ويندي آهي. ٻارن جي والدين تعليم کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول انتظاميا جي اهڙين حرڪتن جي ڳجهي جاچ ڪرائي وڃي.