حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سينٽرل جيل ۾ قائم ٽرائل ڪورٽ پراڻي دشمني تحت نوجوان کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ٽينٿ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالستار خاصخيلي جي عدالت جوابدار اسماعيل گوپانگ ۽ سليم گوپانگ کي سزا سان گڏ 20 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي موجب ٻئي جوابدار ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ 6-6 مهينا قيد ڀوڳيندا. ساڳي ڪيس ۾ عدالت جوابدار عبدالستار ڪنڀر، الله بخش ڪنڀر، ياسين گوپانگ ۽ اسلم گوپانگ کي بري ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته 29 جنوري 2015ع تي بدين پوليس رٽائرڊ ملازم محمد صالح جوڻيجو جي فرياد تي سندس پٽ جي قتل جو ڪيس 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو هو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته سندس پٽ خدابخش گوپانگ هوٽل تي ڀائرن سان گڏ ويٺل هو جتي جوابدارن مٿس حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو زخمي ٿيو ۽ علاج دوران اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. بدين پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار اسماعيل، سليم سميت ٻين کي گرفتار ڪري جيل اماڻيو. ڪيس جو ٽرائل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت 8 سالن کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ٻن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جڏهن ته چئن جوابدارن کي شڪ جي آڌار تي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فيصلي ٻڌائڻ دوران فريادي ڌر جو وڪيل محمد عاشق، سرڪاري وڪيل مجيب رحمان ميمڻ ۽ جوابدار ڌر جو وڪيل ظهير لغاري به موجود هئا.