حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اڳواڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاھري جي ڀاءُ علي رضا ڏاھري کي جيل انتظاميا ملاقات کان کتو جواب ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو آهي. علي رضا ڏاھري ملاقات نه ڪرائڻ ۽ 2 ماڻھن کي ظاھر نه ڪرڻ خلاف حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پھچي درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ هن موقف اختيار ڪندي چيو ته منھنجي ڀاءُ اسماعيل ڏاھري کي آمري پل تان کڻي حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تي چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. جيل ۾ اسماعيل ڏاھري سان ملاقات لاءِ ويس ته جيل انتظاميا ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو. خدشو آھي ته محمد اسماعيل ڏاھري جيل ۾ موجود ئي ناھي. ھن جي طبعيت سهي ناھي ۽ هو بيمار ماڻھو آھي. جيل انتظاميا دوائون به واپس ڪيون آھن. اسان جا 2 ماڻھو اڃا تائين گم آھن جن کي ظاھر ناھي ڪيو ويو. چيف جسٽس ۽ جيل کاتي جو صوبائي وزير نوٽيس وٺن. ڀاءُ سان ملاقات ڪرائي وڃي ۽ گم ٿيل 2 ماڻھن کي ظاھر ڪيو وڃي.