حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) حيدرآباد ڊويزن جي نون ضلعن جي لکين ٻارن جو مستقبل حيدرآباد تعليمي بورڊ ۾ ويٺل بيوروڪريسي جي غلط فيصلن سبب داءُ تي لڳي ويو، پوزيشنون وڪرو ڪرڻ، پيپر آئوٽ ڪرڻ ۽ انتظامي عهدن تي تڪرار جا انڪشاف ٿيا آهن
ان سلسلي ۾ ”پنهنجي اخبار“ پاران حيدرآباد بورڊ جي معاملن بابت ورتل تفصيلي معلومات موجب پاڪستان پوسٽ جو عملدار گذريل 10 سالن کان حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر جي اهم عهدي تي ويٺل آهي تنهن جي خلاف اينٽي ڪرپشن سنڌ جي يونيورسٽي اينڊ بورڊز کاتي توڙي ٻين هنڌن تي پيپر آئوٽ ڪرڻ، امتحانن ۾ پوزيشنون وڪرو ڪرڻ جڏهن ته نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جون ثابتيون مليون آهن جڏهن ته 22 سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچا ملازم پڪا نه ٿي سگهيا آهن پر ڪراچي تعليمي بورڊ جي چيئرمين جي پٽ کي 14هين گريڊ ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي
حيدرآباد تعليمي بورڊ جو ڪنٽرولر مسرور احمد زئي 2014ع کان ڪنٽرولر جي عهدي تي رهندو اچي جڏهن ته سندس بابت ڄاڻ ملي آهي ته هو حيدرآباد بورڊ جو ملازم نه پر پاڪستان پوسٽ جو ملازم آهي پر هو پنهنجي مقرري کي يقيني بڻائڻ لاءِ عدالتن مان حڪم ڪرائيندو اچي. ڄاڻ موجب 2022ع ۾ ٿيل امتحانن ۾ خرد برد ٿيڻ تي سيڪريٽري بورڊ اينڊ يونيورسٽيز حيدرآباد بورڊ جي ڪنٽرولر ۽ ٻين آفيسرن خلاف کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري عبدالفتاح هُليو جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي جوڙي آهي جيڪو امتحانن ۾ ٿيندڙ بيقائدگين جي جاچ ڪري رهيو آهي
ڄاڻ موجب 10 سالن کان تعليمي بورڊ ۾ ڪنٽرولر جي مستقل مقرري نه ٿي سگهي آهي. تازو سنڌ جي يونيورسٽي ۽ بورڊ واري کاتي پاران ٻن سالن لاءِ احمد علي بروهي کي حيدرآباد بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪنٽرولر جي پوسٽ تي گذريل 10 سالن کان مسرور احمد زئي قائم مقام چارج رکي برجمان ٿيل آهي. تازو سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، بورڊ جي سيڪريٽري، حيدرآباد تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري شوڪت خانزادو کي ڪنٽرولر جي اضافي چارج ڏني ته اڳوڻو ڪنٽرولر مسرور زئي جيڪو 10 سال 18هين گريڊ ۾ هوندي 19هين گريڊ جي ڪنٽرولر جي پوسٽ تي ويٺل هو. مسرور زئي کي ڪنٽرولر جي عهدي تان هٽائڻ واري حڪم خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري اسٽي حاصل ڪيو آهي پر سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز سندس مقرري جو آرڊر جاري نه ڪندي شوڪت خانزادي جو آرڊر برقرار رکيو آهي جنهن جو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ هلندڙ آهي. ساڳئي طرح بورڊ جي مختلف عهدن تي انتظامي بحران سبب شاگردن توڙي عام ماڻهو جو روزمرهه جا ڪم متاثر ٿي رهيا آهن
”پنهنجي اخبار“ جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد تعليمي بورڊ جيڪو اڳ ۾ ئي مالي بحران جو شڪار آهي اتي وڏن آفيسرن جي ويجهن مائٽن ۽ اولادن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪرڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي جنهن تي 22 سالن کان بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن اعتراض واريندي ٻڌايو آهي ته تازو لاڙڪاڻي بورڊ جي اڳوڻي ۽ ڪراچي بورڊ جي موجوده چيئرمين نسيم احمد ميمڻ جي پٽ تيمور نسيم کي 14هين گريڊ جي رڪارڊ اسسٽنٽ جي پوسٽ تي 6 مهينن لاءِ مقرر ڪري 10 آگسٽ تي سندس آرڊر جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته بورڊ ۾ ٻين آفيسرن جي ويجهن مائٽن کي رکڻ جون به تياريون ڪيون پيون وڃن. ملازمن موجب ته بورڊ ۾ 60 کان وڌيڪ جايون خالي آهن جڏهن ته 22 سالن کان 74 ڪچا ملازم بورڊ اندر ڪم رهيا آهن جن جي مستقلي وارو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي. ان صورت ۾ نوان ملازم رکي کين ڳجهه ڳوهه ۾ ريگيولر ڪرڻ لاءِ سانباها ڪيا پيا وڃن جن کي پهرين ڪانٽريڪٽ تي رکي پوءِ ريگيولر ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي