حيدرآباد (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ حيدرآباد يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحان جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان امتحاني ڪنٽرولر ڊاڪٽر مسرور احمد زئي جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ 28 مئي کان 4 جون تائين ٻارهين ڪلاس جا امتحان ورتا ويندا جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 جون کان 12 جون تائين يارهين ڪلاس جا امتحان ورتا ويندا. ڪنٽرولر موجب گرمي جي شدت کي نظر ۾ رکندي امتحاني وقت ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي. صبح وارا پيپر ساڍي 8 بجي کان ساڍي 11 بجي تائين ۽ شام وارا پيپر 3 بجي کان 6 بجي تائين ورتا ويندا.