حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد تعليمي بورڊ جي ڄامشورو امڪاني منتقلي خلاف سياسي ۽ مذھبي جماعتن جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالھ تحريڪ انصاف جي حيدرآباد مان چونڊيل ايم پي اي ريحان راجپوت،اسلامي جميعت طلبه جي رافع احسن قاضي، ايم ڪيو ايم حقيقي جي نديم الڳ الڳ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي آھي حيدرآباد مان تعليمي بورڊ جي منتقلي وارو منصوبو فوري طور ختم ڪيو وڃي.هنن چيو ته وزيراعلي جي جاچ ڪميٽي بورڊ جي ڪارڪردگي،انتظامي بيقائدگين ۽ ڪرپشن معاملن لاء جاچ لاء قائم ڪئي وئي هئي جڏهن ته بلڊنگ جي مرمت يا بورڊ جي منتقلي جاچ ڪميٽي جو ايڊهاڪ ئي نه هو.عمارت جي زبون حالي ظاهر ڪري بورڊ آفيس کي حيدرآباد شھر مان ڄامشورو منتقل پ پ جي بدنيتي ۽ حيدرآباد جي شھرين سان نفرت کي ظاهر ڪري ٿي.هنن چيو ته بورڊ جي ڄامشورو منتقلي سان حيدرآباد سوڌو ان جي ڀرپاسي جي ضلعن،شھرن توڙي ٻھراڙي جي عوام کي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پوندو.تعليمي بورڊ ۾ ھجڻ سان دادو سوڌو ڄامشورو ۽ ٺٽي جي عوام لاء سهولت آھي جي حيدرآباد اچي پنهنجي ٻارن جا تعليمي مامرا حل ڪرائڻ سان گڏ ٻيا ڪم ڪار ۾ ڪري وڃن ٿا. ننڊن وڏن شھرن جا ماڻھو آساني سان پنهنجي ٻارن جا تعليمي مسئلا حل ڪرائي وڃن ٿا. هنن چيو ته حيدرآباد تعليمي بورڊ جا سنڌ حڪومت طرف هڪ ارب 55ڪروڙ رپيا رهتون آھن تعليمي بورڊ خودمختيار ادارو آھي جيڪو پنهنجو پگهارون ۽ خرچ پاڻ ڪڍندو آھي سنڌ يا وفاق ناهي ڏيندو. هنن تعليمي بورڊ جي ڄامشورو منتقلي کي عوام دشمني قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بورڊ کي ڄامشورو منتقل ڪيو ويو ته ڀرپور مزاحمت ڪنداسين