حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ايئرپورٽ کي فعال ڪرڻ 3 ڊويزن حيدرآباد، نوابشاهه، ميرپورخاص جي زرعي سامان ۽ حيدرآباد ايئرپورٽ کي ڪارگو جي استعمال لاءِ ٽنڊومحمد خان واسي عبدالڪريم ٽالپر پنھجي وڪيل ايڊووڪيٽ محمد سليم معرفت سنڌ ھاء ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن ايگريڪلچرل جو وڏو حب ھجڻ ڪري انب، ڪيلا سبزيون ۽ ٻئي سامان لاءِ ھلايو وڃي، حيدرآباد ايئرپورٽ فعال ٿيڻ سان چوڙي صنعت سميت ٻين شئين جي وڻج واپار کي هٿي ملندي  جڏھن ته فروٽ ۽ سبزيون جيڪي اسان ڪراچي ايئرپورٽ اماڻيو ٿا اتان پيڪنگ ٿئي ٿي تمام ڪرائڻ جو نقصان ٿي رھيو آھي، ڪراچي ۽ ايم نائين موٽروي سميت روڊن تي ٿيندڙ احتجاجن ۾ زميندارن جون سبزيون ۽ فروٽ سڙي ٿا وڃن تمام نقصان ٿي رھيو آھي جڏھن ته انبن جي سيزن ۾ سيڙپڪاري ٿيل آھي پر ڪراچي ايئرپورٽ تان تمام مشڪلاتون آھن مسئلي جي حل لاءِ حيدرآباد ايئرپورٽ کي فعال ڪيو وڃي درخواستگذار وڌيڪ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته دبئي ۽ لنڊن سميت مختلف ملڪن ۾ سنڌ جا انب ۽ ڪيلا ايڪسپورٽ ٿين ٿا ھٿان ئي اسان باغن کان حيدرآباد ايئرپورٽ تي کڻائي پھچون ته خرچ بچي پوندو، انب ۽ ڪيلا، چوڙي صنعت سميت ڪارگو جي حيدرآباد ۾ سھولت نه ھجڻ ڪري ڪراچي اماڻيون ٿا جتان فروٽ ۽ سبزيون اڃا 2 يا 3 ڏينھن رکي پوءِ ايڪسپورٽ ٿين ٿا، انب جي سيزن مان نقصان کان بچايو وڃي زرعي شئيون پرڏيھه اماڻڻ لاءِ حيدرآباد ايئرپورٽ مان سهولتون ڏنيون وڃن، حيدرآباد نوابشاهه ميرپورخاص ڊويزن ۾ جيڪي زرعي شيون ۽ صنعتي شئن جي وڻج واپار کي هٿي ملندي درخواست ۾ وفاق، پاڪستان سول اييويئيشن اٿارٽي، پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز ڪارپوريشن لميٽيڊ، سرين ايئر پرائيويٽ لميٽيڊ، ايئر بليو لميٽيڊ سميت 7 کاتن کي ڌر بڻايو ويو آھي.