حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اينٽي انڪروچمينٽ سيل ٽربيونل جي حڪم تي ضلعي انتظاميا ڪارروائي ڪندي سنڌيانا اسڪول ڀٽائي نگر واري پاسي کان غيرقانوني طور ٽوڙيل ڀت جي اڏاوت جو ڪم ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تحت اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي عملي لاڳاپيل تپيدار جي موجودگي ۾ ڀت جي اڏاوت جو ڪم شروع ڪيو ته ڀٽائي نگر ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران ان ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ايس ايڇ او جي اهڙي ڪوشش تي علائقي واسي گڏ ٿي ويا جن جو چوڻ هو ته لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او پاران پوليس کي بار بار ميسيج ڪري ڪم روڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. اهڙي معاملي تي علائقي واسين احتجاج به ڪيو. سندن چوڻ آهي ته حيدرآباد انڪروچمينٽ ٽربيونل ڪورٽ جي حڪم تحت اهو ڪم انجام ڏنو پيو وڃي پر پوليس ان ڪم ۾ مداخلت ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسڪول جي انتظاميا غيرقانوني طور تي ڀت ٽوڙي سڄي علائقي کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو هو. اهڙي عمل خلاف هن عدالت ۾ آواز اٿاريو. عدالت ڀت تعمير ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر پوليس جي مداخلت سبب ڪم ۾ رنڊڪون پئجي رهيون آهن. هنن چيو ته سنڌيانا اسڪول ۾ داخلا لاءِ الڳ رستو ۽ ڀت آهي پر ان جي باوجود سوسائٽي جي ڀت غيرقانوني طور تي ٽوڙي وئي. رهواسين چيو ته اسڪول جي انتظاميا معصوم ٻارن کي استعمال ڪري پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ چاهي ٿي.