حيدرآباد(بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ويجيلنس ڪاميٽين مختلف امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻي 100 کان وڌيڪ اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري ڇڏيو، تعليمي بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين سهيل بلوچ، اسسٽنٽ ڪنٽرولر اعجاز ڪاڪا ۽ پروفيسر حميده ميربحر جي سربراهي ۾ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج دادو ۾ 20 ۽ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ڦلجي اسٽيشن تي ڇاپا هڻي 56 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري ڇڏيو، حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن جي مختلف ٻين امتحاني سينٽرن تي ڇاپا هڻي 200 کان وڌيڪ اميدوارن کي به ڪاپي ڪيس ڪيو ويو. امتحاني سينٽرن تي ڇاپن جي ڪري سينٽرن جي انتظاميا ۽ امتحان ڏيندڙ اميدوارن ۾ ٿرٿلو متل رهيو.