حيدرآباد: سول اسپتال جي گڙدن واري وارڊ ۾ لڳل باهه واري واقعي جي جاچ لاءِ 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي
ايم ايس نيفرو ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر پورن ڪمار جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي
ڪميٽي ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ڊاڪٽر منير احمد شيخ، ڊاڪٽر محمد علي شيخ ۽ علي گوهر ميمبر طور شامل آهن
ايم ايس ڊاڪٽر شاهد اسلام جوڻيجو موجب ڪميٽي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري 48ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ فراهم ڪري