ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سنڌ سرڪار 10.08کرب رُپين جي ترقياتي بجيٽ پيش ڪري ثابت ڪيو آھي ته اسان رڳو واعدا نھ ڪندا آھيون پر عملي ڪم تي يقين رکندا آھيون، هڪ بيان ۾ هن چيو ته صوبي جي ڊويزنل ھيڊڪوارٽرز حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد کي 7.7 ارب رُپين جو ترقياتي پيڪيج ڏنو آھي، انهي رقم مان روڊن جي بھتري، واٽر سپلاءِ، ڊرينيج، تعليم، صحت ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراھمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ جوڳا قدم کنيا ويا آھن، حب ڪئنال جي بحالي لاءِ 3.1 ارب ۽ شھدادڪوٽ واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ 2 ارب رُپيا رکيا ويا آھن، ھن چيو ته 2 لک ھارين جي مالي سھائتا سان گڏ زراعت جي شعبي ۾ 33 ارب رُپين جي لاڳت سان ميڪنائزيشن پيڪيج، ڊرپ اريگيشن سسٽم ۽ ھارٽيڪلچر ڪلسٽرز متعارف ڪرايا پيا وڃن. هن چيو تھ سنڌ پيپلز ھائوسنگ اسڪيم تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گھر ٺاھڻ جو ڪم جاري آھي،