حيات پتافي (ن پ ا) حيات  پتافي ۾ شڌاڻي درٻار جي سنت شڌارام جو 316 ھين جنم ڏينھن جو 3 روزا ميلو پڄاڻي تي پھتو، ڀارت مان آيل 84 ڀارتي ياترين جو جٿو شڌاڻي درٻار جي گادي نشين سنت ڊاڪٽر يڌشٽر لال جي اڳواڻي ۾ سخت سيڪيورٽي هيٺ شڌاڻي درٻار جروار طرف جي ياترا لاءِ روانا ٿي ويو، ان موقعي تي حفاظتي انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا هئا، وفد جروار ۾ پوڄا پاٺ ڪرڻ بعد خانپور مھر روانا ٿيندا، رات خانپور مھر ۾ گذاريندا، جتان اڄ 5 ڏينھن جي دوري تي عادل پور، گھوٽڪي، پنوعاقل، سکر ساڌ ٻيلي جي ياترا ڪندو ۽ 15 جنوري تي واپس ڀارت روانا ٿي ويندو،