حيات پتافي (ن پ ا) حيات پتافي ويجھو ڳڙھي چاڪر واسي ڇولا کپائيندڙ الھڏوايو ميراڻي جي گھرواري ڪيترن ئي سالن کان فالج ۽ ڦڦڙن جي بيماري سبب بستري تي پيل آھي، پورهيت ٻڌايو ته گھوٽڪي جي ڊاڪٽرن ڪراچي جي نجي اسپتال آغا خان مان علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آھي، غربت سبب آغا خان اسپتال ڪراچي مان علاج ڪرائي نٿا سگھون، هن چيو ته مسڪين آھيون، اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي ته علاج ڪٿان ڪرايون، ڇولا کپائي ٻچن جو گذر سفر ڪندو آھيان، هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي گهرواري جي علاج ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.