دمشق:  شام ۾ صدر بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو ڪندڙ باغي گروهه حيات تحرير الشام ماضي ۾ القاعده سان گڏ رهي آهي. ابو محمد الجولاني ان گروپ جو سربراهه آهي. هي شام جو سڀ کان طاقتور هٿياربند گروپ آهي. محمد الجولاني گذريل هفتي اهو واضح اعلان ڪيو هو ته شام ۾ هاڻوڪي بغاوت جو مقصد بشار الاسد جي حڪومت ڪيرائڻ آهي.  محمد الجولاني جو اصل نالو احمد حسين الشرا آهي ۽ هو 1982ع ۾ سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هڪ پيٽروليم انجنيئر هو ۽ سندس خاندان 1989ع ۾ شام واپس آيو جتي هو دمشق جي ويجھو آباد ٿيو. سندس دمشق ۾ گذريل وقت بابت گھڻي معلومات دستياب ناهي پر 2003ع ۾ هو عراق منتقل ٿي ويو هو، جتي هن ان ئي سال آمريڪا جي جارحيت خلاف مزاحمت طور القاعده ۾ شموليت اختيار ڪئي. بعد ۾ ابو محمد الجولاني کي 2006ع ۾ عراق ۾ آمريڪي فوج گرفتار ڪيو ۽ پنجن سالن تائين قيد ۾ رکيو ويو. آزادي بعد الجولاني کي شام ۾ القاعده جي ذيلي تنظيم ”النصره فرنٽ“ قائم ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي، جنهن خاص طور تي ادلب ۾ مخالف قوتن جي ڪنٽرول وارن علائقن ۾ پنهنجو اثر وڌايو.  الجولاني داعش سربراهه البغدادي سان گڏ به ڪم ڪري چڪو آهي، جيڪو عراق ۾ القاعده جي اسلامي رياست جو سربراهه هو جيڪا بعد ۾ داعش جي نالي سان سڃاتي وئي.  اپريل 2013ع ۾ البغدادي اوچتو القاعده سان تعلق ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو۽ شام ۾ سندس تنظيم پکڙجندي وئي. الجولاني ان تبديلي کي رد ڪيو ۽ القاعده سان پنهنجي وفاداري برقرار رکي. 2014ع ۾ هڪ ٽيليويزن انٽرويو ۾ الجولاني الجزيره کي ٻڌايو ته شام کي اسلامي قانون تحت هلائڻو آهي ۽ ملڪ جي اقليتن کي قبول نه ڪيو ويندو. پر وقت گذرڻ سان گڏ الجولاني ان منصوبي کان پري ٿيندي نظر آيو، ۽ ان بدران هو شام جي سرحدن اندر پنهنجي گروپ کي مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو رهيو. 2016ع ۾ حلب تي حڪومت جو قبضو ٿيڻ بعد هٿياربند گروهن ادلب جو رخ ڪيو ۽ الجولاني پنهنجي گروپ جو نالو بدلائي جبهت فتح الشام رکيو. 2017 ۾ هزارين ويڙهاڪ حلب کان فرار ٿي ادلب پهتا ۽ الجولاني انهن گروپن مان ڪيترن ئي پنهنجي گروپ سان ضم ڪري ڇڏيو ۽ ان کي حيات التحرير الشام جو نالو ڏنو ويو. هن باغي گروپ جو واضح مقصد شام کي بشار الاسد جي آمراڻي حڪومت کان آزاد ڪرائڻ، ملڪ مان ايراني فوجن کي ڪڍڻ، هڪ اسلامي قانون تحت رياست قائم ڪرڻ آهي.