17 مئي: جنگ شاھيءَ جو گرم ۽ غمگين ڏينهن.
ڇڊا وڻ. ننڍيون ڀتيون. گھٽين ۾ بيٺل ڪوسيون ڪارون ۽ وڏي اڱڻ واري گھر ۾ ماڻھن جا ڳاھٺ.
آلين اکين وارا مرد ۽ مايون. تمام گھڻي گرمي ۽ تمام گھڻو غم. بلڪل ائين جيئن لطيف لکيو آھي:
“ڪھ ڌرتتي ماءُ، ڪھ ڄر سندي سڄڻين”.
ڪجھ اھڙو، وھندڙ لڙڪن جھڙو، جھري پوندڙ پر وري وري پاڻ کي سنڀاليندڙ ۽ سرخ سلام وارا نعرا ھڻندڙ ھجوم ۽ ان جي وچ ۾ رکيل ڏوليءَ ۾ لاڏ ٻائيءَ جي سڀ کان ننڍي ڌيءَ….!!
ھوءَ جيڪا سموري زندگي ھن گھر ۾ ھزارن جي ميزبان رھي، اڄ پاڻ پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڱڻ ۾ ڪجھ پلن جي مھمان ھئي. ھن جي جسد خاڪيءَ جي چوڌاري ھن جا ٻار ۽ ھن جي ٻارن جا ٻار لڙڪ لاڙي رھيا ھئا ۽ ھوءَ اکيون پوري ائين ليٽيل ھئي، جيئن فيض جو اھو شعر:
“تهک کر يونهي پل بهر ڪي ليي آنکھ لگي تهي
سو ڪر ھي نه اٺين گي، يه اراده تو نهين تها“
ھن جو آخري ديدار به ائين ھو، جيئن ڪوئي انسان ڪجھ گھڙيون ٿڪ لاھڻ جي لاءِ اک ٻوٽي وٺي. ڪجھ گھڙين لاءِ. اھو انسان جنهن کي وري جلدي اٿڻو ھجي. وري ڪم ڪرڻو ھجي. ھي ڪم. ھو ڪم. ھن سموري زندگي ڪم کان سواءِ ٻيو ڪيو ڇا؟ ھڪ جاپاني شاعر لکيو آھي:
“جھڙوڪه پرديسي پکي
مان ته پنهنجي ڳوٺ ۾ به سمھندو آھيان
مسافر وانگر“
ھوءَ پنهنجي گھر ۾ به مسافر وانگر سمھندي ھئي. ھوءَ ته ماني به ائين کائيندي ھئي، جيئن ڪو ضروري ڪم ڪرڻو ھجي.
ھوءَ بلڪل کاھوڙي عورت ھئي. ھوءَ ڪڏھن به کرڪڻا لاھي سک سان نه ستي. ھن کي سدائين پنڌ جا پور رھيا. پير ڀلي سور ڪن. پر پنڌ ڪندو رھڻ. ٿورو کائڻ. گھڻو ھلڻ. پر ان ڏينهن ھن جو پنڌ پورو ٿيو. ڇا ان کي پنڌ پورو ٿيڻ لکڻ گھرجي؟ ڇا منزل ملڻ کان سواءِ به پنڌ پورو ٿيندو آھي يا ٿي سگھي ٿو يا ٿيڻ گھرجي؟
وڏا ماڻھو پنهنجي پويان وڏا سوال ڇڏي ويندا آھن. ۽ صرف سوال نه پر وڏا خال به ڇڏي ويندا آھن! پر “وڏي خال” وارا لفظ عام ۽ دستوري لفظ بڻجي ويا آھن. جڏھن به ڪو مشھور ماڻھو مري ويندو آھي، تڏھن ھن جي پٿر تي رکيل نوٽ بڪ ۾ ايندڙ مھمان گھڻو ڪري پنهنجي راءِ ۾ اھي ئي لفظ لکندا آھن ته “ھن جو خال ڀرجي نه سگھندو؟” پر عام طور تي عام ماڻھن جا خال ڀرجي ويندا آھن. جيڪڏھن ڪي خال نه ڀرجي سگھندا آھن ته صرف انهن ماڻھن جا، جن جا ڪرداري قد جبلن جيڏا وڏا ۽ بلند ھجن.
ادي حور جو جسماني قد نه پنج فوٽ ڇھ ست انچ ھو پر ھن جي ڪردار جو قد تمام گھڻو اوچو ھو. پر ھوءَ ھڪ اھڙي پھاڙ جي پاڇي ۾ رھي، جنهن سان ھن جو سڀ کان وڌيڪ پيار ھو. گھاٽن وڻن جي پاڇي ۾ اسريل ٻوٽا پنهنجي فطري قامت نه ماڻي سگھندا آھن پر اھا ھن جي پيار تي تقاضا ھئي ته ھن صرف پنهنجي بلنديءَ سبب ان ماڻھوءَ کان پري رھڻ نه چاھيو، جيڪو ھن جي ماءُ جو سڀ کان باصلاحيت پٽ ھو. جيڪو ھن جو پيارو ڀاءُ ھو. جڳ مشھور دانشور، مقرر، ليکڪ ۽ ليڊر، رسول بخش پليجو! جنهن کي ھوءَ سدائين “ادا” چوندي ھئي. ھن سان ھن جو اھڙو ئي ناتو ھو، جھڙو محمد علي جناح سان فاطمه جناح جو رھيو. جھڙي طرح قائد اعظم ۽ فاطمه جناح جي جوڙي ھئي، اھڙي جوڙي ادا رسول بخش ۽ ادي حور جي به ھئي. جڏھن ته سياسي سفر جي ڪنهن به موڙ تي ان جوڙ متعلق ڪنهن نه ڪجھ چيو ۽ نه لکيو. حالانڪ اھو اتفاقي پر ھڪ عجيب مماثلاتي مثال ھو ۽ آھي.
اڄ مان سوچي رھيو آھيان. ھي لفظ لکندي مان سوچي رھيو آھيان ته جيڪڏھن ادي حور پنهنجي وڏي ڀاءَ کان ڪجھ مھينا يا ڪجھ سال اڳ ۾ ھلي وڃي ھا ته ھن جي وڇوڙي تي ھو ڪھڙو ليک لکي ھا يا ھن جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي مخاطب ٿي ڪھڙي تقرير ڪري ھا؟ بلڪل ھو پنهنجي مزاج مطابق ادي حور لاءِ به اھو چوي ھا، “ھوءَ صرف منهنجي ڀيڻ نه ھئي پر منهنجي جدوجھد جي عظيم ساٿي به ھئي” پر ڇا ھوءَ صرف پنهنجي وڏي ڀاءَ جي پياري ڀيڻ ۽ سچي ساٿي ھئي؟ مان سمجھان ٿو ۽ جيتري حد تائين مان ڄاڻان ٿو ته ھوءَ نه صرف رسول بخش پليجي جي ڀيڻ ۽ ساٿي ھئي پر ھوءَ ھن جي دوست به ھئي.
وڏا ماڻھو گھڻن معاملن مان خوشنصيب ھوندي به ڪجھ معاملن ۾ ڀلي ڀاڳ وارا نه ھوندا آھن. وڏن ماڻھن وٽ تمام گھٽ دوست ھوندا آھن. خاص طور تي سياست جي فيلڊ ۾ موجود وڏا ماڻھو ته دوستيءَ جي حوالي سان بنهه اڪيلا نوٽ ڪيا ويا آھن. ڇا اوھان ٻڌائي سگھندا ته جناح جو ڪھڙو دوست ھو؟ ڇا لياقت علي خان جھڙي کوٽي سڪي کي ھن جو دوست ڪوٺي سگھجي ٿو؟ نه ڪڏھن نه. جيڪڏھن محمد علي جناح جو ڪو دوست ھو ته ان جو نالو فاطمه ھو. ساڳي طرح سان رسول بخش پليجي سان دوستيءَ جو دم ته گھڻا ھڻي سگھن ٿا پر جيڪڏھن ھن جو ڪو حقيقي ۽ سچي دوست ھئي ته اھا ھن جي ننڍي ڀيڻ ھئي ۽ مان سمجھان ٿو ته جيڪڏھن ادي حور رسول بخش پليجي جي جيون ۾ لاڏاڻو ڪري وڃي ھا ته ھو ھن جي ياد ۾ اھڙوئي آرٽيڪل لکي ھا، جھڙو چين ۽ ويٽنام جي انقلابي سورمين لاءِ لکيا ويندا ھئا. “عظيم زندگي ۽ شاندار موت” جھڙي عنوان وارا آرٽيڪل!! جڏھن ته ھوءَ اھڙي ھئي. ھن کي ھن جي جڳ مشھور ڀاءُ جو پاڇو اورڪاسٽ (Overcast) ڪري ويو، اھا الڳ ڳالھ آھي پر ھوءَ پنهنجي اصل حيثيت ۾ اھڙي ھئي، جھڙي چين ۾ “ڪانگ کي چنگ” ۽ ويٽنام ۾ “نگوين ٿي دن” ھئي. اھائي “وڏن وارن واري فوج” جي حوالي سان ڄاتي ۽ سڃاتي ويندڙ نگوين ٿي دن. مرڻ کان پوءِ ته ماڻھوءَ جي تعريف ۾ اھي ٻول به ٻوليا ويندا آھن، جيڪي ھو شايد نه لھڻي پر اھو سچ آھي ته جيڪڏھن عوامي تحريڪ سنڌ ۾ ويٽنامي جدوجھد جي ننڍڙي ڪوشش ھئي ته حورالنساءِ پليجو ان انقلابي سٿ جي “نگوين ٿي دن” ھئي.
سو! اھو 17 مئي جو اداس ۽ انتهائي گرم ڏينهن ھو ۽ جنگ شاھيءَ جي ھڪ ويڪري اڱڻ ۾ وڏن وارن واري انقلابي جنرل ڪامريڊ حور اکيون پوري پنهنجي وطن ۽ پنهنجي واھڻ جي ان مٽيءَ ۾ ملڻ واري ھئي، جنهن ۾ ھن جو ابو، ھن جي امڙ، ھن جو ادو ۽ ھن جي خاندان جا انيڪ فرد ملي چڪا ھئا. ھن جا ٻار ۽ ھن جي ٻارن جا ٻار ھن جي مٿان لڙڪ لاڙي رھيا ھئا ۽ انهن کي ان جو الاھي ڏک ھو ته، “امان گھڻو جلدي وئي”. جڏھن ته ھن تمام گھڻو وقت، تمام گھڻي جدوجھد ۾ گذاريو. جيئن ۾ مون اڳ ۾ لکيو آھي ته کاھوڙين ۽ سامين وانگر ھن ڪڏھن سمھي سک نه ماڻيو ته اھو سچ آھي. ڇو ته ھن سان منهنجا ٻٽا رشتا ھئا.
انيتا جي پڦي ھجڻ سبب ھوءَ منهنجي مائٽ به ھئي پر ھن کي مون سدائين جدوجھد جي ميدان ۾ ھڪ انقلابي ساٿياڻيءَ جي طور ڏٺو. مان انيتا ۽ ٻارن سان گڏ ادي حور جي گھر ۾ به ويندو ھوس ۽ ھن کي جلسن ۽ جلوسن ۾ به ڏسندو ھوس. ھوءَ مون کي ٻنهي ھنڌن تي ھڪ جھڙي نظر آئي. ھوءَ گھر ۾ ائين ھوندي ھئي، جيئن جدوجھد جي ميدان ۾ ھجي ۽ ھوءَ جدوجھد جي ميدان ۾ به ائين ھوندي ھئي، جيئن گھر ۾ ھجي. ھن جي مک تي مون کي سدائين ھڪ اھڙي ڪيفيت نظر ايندي ھئي، جھڙي ان ڍنڍ جي آھي، جنهن جي ويجھو ھوءَ ڄائي ۽ جنهن جي ڪناري کيڏندي ڪڏندي ھئي ھوءَ وڏي ٿي.
ان شام جڏھن ھن کي مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪري مان پنهنجي دوست سلام ٿھيم سان گڏ ڪراچيءَ طرف مڪليءَ واري واٽ وٺڻ بدران وچان آيس ۽ اسان ڪجھ رستي ۾ موجود ھاليجي ڍنڍ تي ترسياسين ته ھاليجي ڍنڍ جو خاموش ۽ خوبصورت منظر ڏسي منهنجي من تي ادي حور جو مک تري آيو. ان پل مون کي ائين محسوس ٿيو ته ھاليجي ڍنڍ ادي حور جي اندر جو آئينو ھجي. ڇو ته ھن جي مک تي مون کي سڄي حياتي ھڪ ماٺيڻو ۽ مھذب وقار نظر آيو. اھڙو وقار قدرت ڪجھھ ماڻھن کي امانت طور عطا ڪندي آھي. اھڙو وقار ادي حور جو فطري اسٽائيل ھو.
ھوءَ ڪيترو ياد رکي ويندي؟ ھن جي سار جي سھاري ھن جي پارٽي ڪيترو ڪم ڪندي؟ مون کي معلوم ناھي پر مان اھو ضرور ڄاڻان ٿو ته جيڪڏھن پوري عوامي تحريڪ نه ته گھٽ ۾ گھٽ سنڌياڻي تحريڪ جي جنم ۽ جدوجھد جو سھرو ادي حور جي سر جي سڃاڻ ھو ۽ ھجڻ گھرجي. جيڪڏھن ادي حور جنم نه وٺي ھا ته ممڪن آھي، عين ممڪن آھي ته سنڌياڻي تحريڪ به جنم نه وٺي ھا يا وٺي به ھا ته ھوءَ ايتري جدوجھد نه ڪري ھا ۽ ايشيا ۾ ايترو نالو نه ڪمائي ھا. ادي حور صرف نعيم، شبانا ۽ عبدالنبي جي نه پر سنڌياڻي تحريڪ جي ماءُ به ھئي.
ھن سنڌياڻي تحريڪ کي پيدا ڪرڻ ۽ پالڻ ۾ ڪيتري محنت ڪئي؟ ھن جا اوجاڳا ۽ ھن جون بکون ۽ ھن جون بيماريون ۽ انهن جو تفصيل، ان سڀ لاءِ ته ھڪ ڪتاب لکڻ گھرجي. اھڙو ڪتاب ئي بيان ڪري سگھندو ته ھن سرڪاري ملازمت ڪندي، ڪھڙي طرح سياست ڪئي ۽ ان سياست ۾ ھن پنهنجي ڀيڻ جو نالو پاڻ مٿان ڪئين رکيو؟ اھڙا ڪم ته صرف ۽ صرف انقلابي ڪردار ادا ڪندا آھن. جيڪڏھن ھن کي نالو ڪمائڻ جو شوق ھجي ھا ته ھوءَ گمنام بڻجي جدوجھد جا جھنگ ڇو جھاڳي ھا؟ ھن انقلابي جدوجھد ۾ صرف اسٽيج تي بيھي تقريرون نه ڪيون ۽ تاڙيون نه وڄرايون پر ھن کي سموري سنڌ بلڪه ملڪ مان ايندڙ مھمانن لاءِ آڌيءَ جو اٿي ٻٻرن جون ڪاٺيون ٻاري مانيون پچايون. ھن ھڪ طرف ملازمت ٿي ڪئي. ٻي طرف ٻار ٿي پاليا ۽ ٽين طرف اھا جدوجھد ٿي ڪئي، جنهن جي منزل ڪا اقتداري اسيمبلي نه ھئي.
ان شام جڏھن غم ۽ غصي ۾ سج پنهنجي پياري نياڻيءَ جي وڇوڙي تي پار ڪڍي رھيو ھو، ان شام سنڌياڻي تحريڪ جون ڀيڻون پنهنجي وڏي اديءَ کي الوداع ڪندي، نعرا ھڻي رھيون ھيون:
“سرخ سلام سرخ سلام
ادي حور توتي سرخ سلام“
ان پل مون کي ائين محسوس ٿيو ته سنڌ ۾ سياسي سگھ واري عورتن جي وڏي تنظيم ھڪ ننڍي ڇوڪري ھجي ۽ جيڪا پنهنجي انقلابي امڙ جي وڇوڙي تي ڳوڙھن ڀريو ڳاٽ کڻي نعرا ھڻندي ھجي. ڏک کي طاقت ۾ تبديل ڪندي ھجي!!