صنعا (م ڊ) يمن جي حوثين ڳاڙهي سمنڊ (بحر احمر) ۾ اسرائيلي واپاريءَ جو جھاز اغوا ڪري ورتو آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب ترڪيا کان ڀارت ويندڙ جھاز تي عملي جا 52 ماڻهو موجود  آهن. برطانوي ڪمپني جو رجسٽرڊ جھاز اسرئايلي ٽائيڪون جي جزوي ملڪيت آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب يمن جي حوثين پاران جھاز اغوا ڪيو ويو آهي. سامونڊي جھاز اسرائيل جي ملڪيت نه آهي، عملي ۾ به ڪو اسرائيلي موجود نه آهي. حوثي اسرائيلي ڪمپنين ۽ اسرائيلي جھنڊي وارن جھازن کي نشانو بڻائڻ جو اڳ ئي چئي چڪا آهن.