اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) وزير اعظم شهباز شريف وفاقي، مملڪتي وزيرن، صلاحڪار ۽ خصوصي معاونن کي وزارتن جا قلمدان ڏئي ڇڏيا، جنهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن، طارق فضل چوڌري کي پارلياماني مامرن، علي پرويز ملڪ کي پيٽروليم، اورنگزيب کچي کي قومي ورثو ۽ ثقافت، خالد مگسي کي سائنس ٽيڪنالاجي، حنيف عباسي کي ريلوي، محمد معين وٽو پاڻي وسيلا، جنيد انور جهاز راني، رضا حيات هراج کي دفاعي پيدوار، سردار يوسف کي مذهبي مامرا ۽ قومي يڪجهتي، شزا فاطمه خواجه کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، رانا مبشر اقبال کي پبلڪ افئرز يونٽ، مصطفي ڪمال کي قومي صحت سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪورآرڊينيشن جي وفاقي وزير طور قلمدان ڏنو ويو آھي. جڏهن ته مملڪتي وزيرن ۾ ملڪ رشيد احمد خان کي قومي فوڊ سيڪيورٽي، عبدالرحمان ڪانجو کي بجلي وزارت سان گڏ پبلڪ افئر يونٽ جي اضافي چارج به ڏني وئي آھي، عقيل ملڪ کي قانون انصاف، بلال ڪياني کي ريلوي، کيئل داس ڪوهستاني کي مذهبي مامرا ۽ مذهبي يڪجهتي ، محمد عون کي سمنڊ پار پاڪستانين جي مامرن، مختيار احمد ملڪ کي قومي صحت، طلال چوڌري کي گهرو مامرن ۽ وجيهه قمر کي وفاقي تعليم جو بطور مملڪتي وزير قلمدان ڏنو ويو آھي. وزير اعظم جي مقرر ٽن صلاحڪارن مان پرويز خٽڪ کي گهرو مامرن، محمد علي کي نجڪاري، ۽ سيد توقير شاهه کي وزير اعظم آفيس جي مامرن بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آھي. ائين وزير اعظم جي مقرر ٿيل خصوصي معاونن مان هارون اختر کي صنعت پيداوار، حذيفه رحمان کي قومي ورثي ۽ ڪلچر ، مبارڪ زيب کي قبائلي مامرن ۽ طحه برڪي کي سياسي مامرن بابت وزير اعظم جو خصوصي معاون مقرر ڪيو ويو آھي.
عليم خان، مصدق ملڪ، خالد مقبول، خواجه آصف کان وزارتون واپس
اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪيل نئين وزيرن کي قلمدان ڏيڻ لاءِ ڪيترن ئي وزيرن کان پراڻا کاتا واپس ورتا ويا، ڪيترن ئي وزيرن کان وزارتن جون اضافي چارجون واپس ڪيون ويون، وفاقي وزير عليم خان کان نجڪاري، مصدق ملڪ کان پيٽروليم، قيصر احمد شيخ جهاز راني، خالد مقبول صديقي کان سائنس ٽيڪنالاجي، رانا تنوير حسين کان صنعت پيدوار وزارتن جا قلمدان واپس ورتا ويا. جنهن بعد رانا تنوير حسين کي قومي فوڊ سيڪيورٽي وزارت ، خالد مقبول صديقي کي وفاقي تعليم ۽ تربيت ، عليم خان کي مواصلات، مصدق ملڪ کي موسمي تبديلي، قيصر احمد شيخ کي سيڙپڪاري بورڊ جو قلمدان ڏنو ويو، جڏهن ته وزير اعظم وفاقي وزير خواجه آصف کان دفاعي پيداوار ، اعظم نذير تارڙ پارلياماني مامرن، عطا تارڙ قومي ورثي، چوڌري سالڪ حسين کان مذهبي مامرن جي وزارت جا اضافي قلمدان واپس ورتا ويا.
|
خالد مقبول، عليم ۽ رانا تنوير اضافي چارج واري وزارتن جا وزير ٿي ويا
اسلام آباد: عليم خان، خالد مقبول صديقي، رانا تنوير کي جن وزارتن جي اضافي چارج ڏني وئي هئي انهن وزارتن جو کين وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو آھي.