ڪراچي (م ڊ) سينيئر قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب جي اليڪشن بابت فل ڪورٽ جوڙڻ جو اختيار  صرف چيف جسٽس وٽ آهي، چيف جسٽس کي ڪير فل ڪورٽ لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته باغي ميمبرن ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي معاملي ۾ ڪوبه تضاد ناهي، پي ڊي ايم کي لارجر بينچ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائڻ جو حق آهي،  هن چيو ته آرٽيڪل 63 اي ۾ آهي ته پارلياماني پارٽي طئي ڪندي ته ڪنهن کي ووٽ ڏيڻو آهي، پارٽي جي سربراهه کي فيصلو ناهي ڪرڻو آهي. هن چيو ته حمزه شهباز ڪابينا سميت حلف کڻي سپريم ڪورٽ جي حڪم جو مذاق اڏايو آهي.