غزه(م ڊ) حماس اسرائيل جي 4 مارجي ويل يرغمالين جا لاش اسرائيل حوالي ڪري ڇڏيا آهن. عرب ملڪ ٽرمپ جي غزه پلان تي غور لاءِ گڏ ٿي ويٺا. رپورٽن موجگب اسرائيل جي چئن يرغمالين جا لاش ڪالهه حماس جي ويڙهاڪن ريڊڪراس حوالي ڪيا. جن ۾ اوديد لسشٽز، شري بيباس ۽ سندس ٻن ٻارن ڪفير ۽ ايريل بيباس جا مڙهه شامل هئا. اسرائيلي انتهاپسند تنظيم آمريڪي صدر ٽرمپ جي غزا مان فلسطينين جي بيدخلي واري منصوبي جي حمايت ڪندي فوري طور فلسطينين کي نيڪالي ڏئي غزه تي قبضو ڪري اتي يهودين کي آباد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته نيتن ياهو به غزه مان حماس جي مڪمل بيدخلي جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي مصر، قطر، اردن ۽ ڪويت جا حڪمران اڄ سعودي ۾ گڏ ٿي غزه جي مستقبل جي فيصلي تي غور ڪندا. ان ۾ غزه جي ٻيهر تعمير تي 20 ارب ڊالر گڏ ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو. جنهن بعد 4 مارچ تي عبر ملڪن جي هنگامي گڏجاڻي ٿيندي. جڏهن ته آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ فلسطين جي حمايت ڪندڙ شاگردن جي بيدخلي شروع ٿي وئي آهي فلسطين جي حمايت ۾ احتجاج ڪندڙ شاگردن کي گرفتار ڪري يونيورسٽين مان نيڪالي ڏني پئي وڃي. فلسطين جي صدر محمود عباس به غزه مان فلسطينين جي بيدخلي جي مخالفت ڪئي آهي.